85. پرڻ چوي ڏونگهي کي؛ “هل ڙي ٽِه-ٽنگا.”
جھان ۾ جيڪي به انسان جنم وٺي آيا آهن، سي اوگڻن کان خالي نه آهن. هر ڪنھن ۾، ڪو نه ڪو اوگڻ ضرور هوندو. ڪوڙ ڳالھائڻ، ٺڳي يا دولاب ڪرڻ، دوکو ڏيڻ، گلا ڪرڻ، ملامتون مڙهڻ، ٻين جو مال هضم ڪرڻ، بري اک وجهڻ وغيره، گناهن جا قسم سمجهيا وڃن ٿا. ڪير به جيڪڏهن پنھنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسندو ته کيس چڱيءَ پر معلوم ٿي ويندو ته منجهس ڪو نه ڪو اوگڻ اوس هوندو. ڪنھن ۾ گهٽ ته ڪنھن ۾ وڌ. باقي ائين چوڻ ته؛ مون ۾ ڪو اوگڻ ڪونھي. يا ائين چوڻ ته؛ فلاڻو مون کان وڌيڪ عيبن سان ڀريل آهي، اجايو آهي. ڪنھن جي به عيبن يا ڏوهن جو ڪاٿو ڪٿڻ بيسود آهي. مگر ڪن شخصن جو عجيب سڀاءُ يا سمجهه هوندي آهي جو منجهن ڪيترا اوگڻ هوندا آهن پوءِ به ٻين کي پاڻ کان گهٽ ڄاڻي انھن جي ناحق گلا ڪندا آهن. يا مٿن الزام ڌري، کانئن پاسو ڪندا آهن. حقيقت ۾ منجهن وڌيڪ اوگڻ هوندا آهن.
مٿين چوڻيءَ سان ساڳي معنى واري ٻي چوڻي آهي؛
“مينھن ٿي چوي گانءِ کي، هل ڙي پڇ-ڪاري.”
در اصل ائين جڳائي نه. جيڪي انسان، ٻين جي عيب جوئي ڪن ٿا، سي پھريائين پاڻ کي عيبن کان آجو رکن. پوءِ ٻين کي مھڻا ڏين.
حاصل مطلب: گهڻن عيبن وارو شخص، ٿورن عيبن واري تي نقطه چيني ٿو ڪري.