5. اندر اُجرو نه ڪري، ڌوئي ٿو ڌاڳا.
ٻاهران چکي مکي، اندران بڙ بڙ دکي.
ٻنھي چوڻين جو مطلب لڳ ڀڳ ساڳيو آهي.
دنيا ۾ ڪي اهڙا عجيب انسان پيا آهن جي ٻين کي ٺڳڻ لاءِ ظاهري طرح ته ٺيڪ ۽ ساڌو لڳندا آهن، مگر اندروني طرح اهي ٻين کي ڇيھو رسائڻ لاءِ پيا سوچيندا آهن.
انسان جي من ۾ انيڪ ويچار پيدا ٿيندا رهن ٿا. من بي لغام گهوڙي مثل آهي. من ۾ ئي اڇائون ۽ نراشائون ٿين ٿيون. ڪيترا ئي ڍونگي انسان، مندرن ۾ وڃن ٿا، آرتي ڪن ٿا، ايشور جو نالو اُچارين ٿا مگر اهو صرف ڏيکاءَ واسطي ۽ اندر ۾ سدائين پاپ کي جاءِ ڏين ٿا.
هن چوڻيءَ جو صاف مطلب اهو آهي ته؛ جيڪو اندر جو پاپي آهي، ڪوڙو ۽ پاکنڊي آهي، دواچاري ۽ سوارٿي آهي، اهو انسان جڳ وارن کي ٺڳڻ لاءِ وڏا وڏا واعدا ڪري ٿو، پوٿيون پڙهي ٿو ۽ مالھائون ڦيري ٿو.
دراصل سالڪن جو چوڻ آهي ته ظاهري طرح ڍونگ ڪرڻ کان بھتر آهي ته ماڻھوءَ کي پنھنجو من پويتر رکڻ گهرجي. من، وچن، ڪرم سان جيون پويتر گهارجي. اجائي ڍونگ کان ڪنارو ڪجي. سج کي هٿ جي تريءَ سان لڪائي نه سگهبو آهي. ڪڏهن ڪڏهن پاپ جو ڀانڊو ڦاٽي ٿو ۽ پاکنڊي ظاهر ٿي پوي ٿو. ٻين اڳيان اجايا واعدا نه ڪجن پھرين من کي صاف رکجي.
مٿين چوڻي تڏهن ڪتب آندي ويندي آهي، جڏهن ڪو انسان من ۾ پاپ لڪائي ويھي ۽ ظاهري طرح نيڪ ڏسڻ ۾ اچي. ان ڪري سياڻن جو چوڻ آهي ته؛ ظاهري ڏيک ويک کان من جي يعني اندر جي صفائي رکڻ گهرجي. سچ ٻولجي ۽ من جي آئيني کي صاف رکجي. اهڙو انسان ئي نيڪ ۽ نرمل آهي. سچ به اهي ئي شخص سڃاڻن ٿا، جي من جا مور ۽ صاف آهن. باقي ٻاهران اڇو اُجرو ٿي گهمڻ سان يا ظاهري طرح مندر ٽڪاڻا ڀيٽڻ سان، رب کي ريجهائي نه سگهبو. اهڙن انسانن لاءِ چيو ويندو آهي ته، “منھن ۾ موسى جھڙو، اندرَ ۾ ابليس.” ٻاهر جي صفائيءَ کان اندر جي صفائي سؤ بار بھتر آهي. ڇو ته سائين به انھن سان راضي رهي ٿو جي من جا پويتر ۽ نيڪ آهن ۽ ٻين جو برو نه ٿا چاهين. شل سالڪن جا سخن هينئين سان هنڊايون.