لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

چونڊ سنڌي چوڻيون

ڪتاب ”چونڊ سنڌي چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن ۽ چوڻين جو ڪتاب ڪيهر مهرچنداڻي جو لکيل آهي جيڪو 1981ع ۾ گجرات سرڪار جي مالي مدد سان هندستان ۾ ڇپيو.
Title Cover of book چونڊ سنڌي چوڻيون

86. ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ. (ورجيس)

شاهه صاحب سُر ڪلياڻ ۾ چيو آهي،
عاشق زهر پياڪ، وهه ڏسي وهسن گهڻو،
ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ،
لڳي لونءَ لطيف چئي، فنا ڪيا فراق،
توڻي چِڪن چاڪ، ته به آهه نه سلن عام کي.
هن سنسار ۾ ٻن پرڪارن جا جيو آهن. ھڪڙا اهڙا آهن جن مٿان اگر دک يا مصيبت اچي ڪڙڪي ته بيحد هلاڪ، پريشان ۽ دکي بڻجيو وڃن. بار بار پنھنجي قسمت کي پٽيندا رهندا ۽ قدرت کي پيا اجايو سجايو ڏوهه ڏيندا. آيل مصيبت کي مڙس ٿي منھن ڏيڻ بجاءِ ويڻ ڪڍندا ۽ حرف پٽيندا. پنھنجو جيئڻ ئي جنجال پيا ڀائيندا. دک جي بوجھ سببان سندن سمجهه اهڙي ته تنگ ۽ محدود ٿي ويندي آهي، جو هر وقت کين دک ئي دک پيو سُجهندو آهي.
ليڪن ٻئي قسم جا جيو، کانئن بلڪل علحدا ۽ نرالي سڀاءَ جا ٿيندا آهن. مٿانئن ڪيڏي مھل به اچي، مصيبت جا پھاڙ ڪيري ته گهٻرائيندا ڪو نه. ويتر ائين سمجهندا ته؛
پريان سندي پار جي، مڙئي مٺائي،
ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.
دک سک کي، سمان ڪري سمجهندا. ائين سمجهندا آهن ته؛ پرماتما جيڪو کين دک ڏنو آهي، سو اوس ئي ڪنھن نه ڪنھن ڀلائيءَ لاءِ هوندو. اهڙا انسان، هميشه بھار بھار لڳندا آهن. ٻارهو ئي پرماتما ڏانھن مائل رهندا آهن. سندن نظرن ۾ دک کي ڪا خاص اهميت نه آهي. سدائين پيا مرڪندا ۽ خوش گذاريندا. کين دک ۾ به سک، جهلڪا ڏيندو نظر ايندو آهي. سدائين پرماتما جي ڪيئي ۽ رب جي رضا تي راضي رهندا آهن. ڪڏهن به سندن دل مان دردي دانھن ۽ شڪايت نه نڪرندي آهي. ويتر پيا دکن کي دعوتون ڏيندا آھن. کين سوري ۽ سيج ۾، گلن ۽ ڪنڊن ۾، آهه ۽ مرڪڻ ۾، غم ۽ خوشيءَ ۾، رات ۽ ڏينھن ۾، ڪو به فرق نظر نه ايندو آهي. کين، خلق ۾ خدا ۽ خدا ۾ خلق ڏسڻ ۾ ايندي آهي. سند دل ايتري ته وشال ۽ ساگر جيان گھري هوندي آهي جو، وير ۽ حسد، منجھس سمائجي نه سگهندا آهن. هو سدائين سڀ جي ڀلي ۾ ھوندا آھن. کين دک ۽ ڪشٽ، پيڙا ۽ تڙڦ مان اهڙي ئي لذت ايندي آهي جو سکن ۽ سھنجن کي چاهيندا به نه آهن. اهنجن ۽ تڪليفن مان ڪڏهن به وِرچندا ڪو نه آهن. دک جي دانھن ڪرڻ، سندن سڀاءَ ۾ نه آهي. سدائين گلن جيان ٽڙندڙ ۽ ستارن جيان چمڪندڙ هوندا آهن. چانڊوڪيءَ وانگر سيتل ۽ جل جيان اوجل هوندا آهن.
حاصل مطلب: سالڪ انسان، دک ۽ سک کي، برابر سمجهن ٿا. کين ڪنھن به دنيوي دک بابت، ڪا شڪايت نه هوندي آهي. سدائين بهار، سدائين خوش. کين دک ۾ به، عجيب قسم جو آنند پيو ايندو آهي.

87. ڪوئي لڌي هئڊ ڳڙي، چي؛ آءٌ به پساري. (پھاڪو)
پساريءَ جي دوڪان ۾ ڪيترا ئي وکر ٿين ٿا. رات جي وقت دوڪان ۾ موجود ڪوئن کي، اگر گهمندي ڦرندي، هئڊ ڳڙهي هٿ اچي وڃي ۽ ائين سمجهن ته؛ اسين پساري آهيون. اها مورکتا آهي. ڇو ته پساريءَ وٽ، انيڪ وکر آهن ۽ هئڊ ڳڙي منجھانئن هڪ آهي.
دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو ٿين ٿا؛ هڪڙا هوند وارا ۽ ٻيا اڻ-هوندا وارا. هوند وارن وٽ، ڪنھن به شيءِ جي ڪمي نه هوندي آهي. جا شيءِ هو چاهين، سا هٿ ڪري سگهن ٿا. اول ته وٽن ئي، ساڳي شيءِ موجود هوندي. اگر نه به هوندي ته حاصل ڪرڻ ۾ ڪا به تڪليف نه ٿيندن. اڻ-هوند وارن جو حال، انھن کان ابتڙ ٿئي ٿو. وٽن ڪجهه به موجود نه هوندو آهي. اتفاق سان اگر کين ڪجهه پراپت ٿي وڃي ته اجائي مغروري ڪرڻ لڳن ۽ پاڻ کي هوند وارن جيان سمجهن. اها ناداني آهي. ڇو جو جيڪا شيءِ کين حاصل ٿي آهي، تنھن جهڙيون انيڪ شيون، هوند وارن وٽ، موجود ٿين ٿيون.
حاصل مطلب: ٿوري شيءِ هٿ اچڻ تي، اجائي مغروري ڪرڻ ۽ پاڻ کي ٻين سنئون يا کانئن وڌيڪ سمجهڻ.