لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

چونڊ سنڌي چوڻيون

ڪتاب ”چونڊ سنڌي چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن ۽ چوڻين جو ڪتاب ڪيهر مهرچنداڻي جو لکيل آهي جيڪو 1981ع ۾ گجرات سرڪار جي مالي مدد سان هندستان ۾ ڇپيو.
Title Cover of book چونڊ سنڌي چوڻيون

62. ڌڻيءَ جي گهر دير آهي، انڌير ڪونھي.

اڪثر ڪري ائين ڏٺو ويو آهي ته؛ انسان پئسي، عھدي ۽ طاقت جي نشي ۾ انڌو ٿي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ڏسڻ لاءِ سندس جسماني اکيون کليل ۽ پٽيل هونديون آهن. طاقت سبب لوڪ مريادائن ۽ شرافت جي ليڪن کي لنگهي پار ٿي ويندو آهي. اهڙن اهنڪاري شخصن کي پنھنجن ۽ پراون جي به ساڃھه نه رهندي آهي. اهڙا انسان، ظلم جي گهڙي تي پاڻ کان ننڍن ۽ ڪمزورن تي ظلم ۽ انياچار ڪندا رهن ٿا. اهنڪار ۽ هٺ، وڏائي ۽ طاقت سبب، هو مڙني کي آزارين ٿا. دراصل هو وساري ٿا ويھن ته؛ ايشور کين جيڪو ڌن ۽ عھدو ڏنو آهي، سو ٻين جي شيوا لاءِ ڏنو آهي. چوندا آهن ته؛ جنھن شخص جي مٿان ايشور جي ڪرپا درشٽي ٿئي ٿي، اهو ئي انسان وڏي درجي تي رسي ٿو ۽ ڌنوان بڻجي ٿو. ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته؛ اهي انسان، ايشور جي ڀلائيءَ کي وساري ويھن ٿا ۽ پاڻ کي ئي هن سرشٽيءَ جو خلقيندڙ سمجهن ٿا. اتھاس ۾ اهڙا مثال ٿورا ڪو نه آهن. هرڻاڪشپ، پاڻ کي خود ايشور سڏائڻ لڳو. راوڻ به گهٽ ظلم ڪونه ڪيا. رشين کان به زبردستي ڍل وصول ڪئي هيائين. انگلينڊ جي راڻي ميريءَ کي اتهاس ۾ “خوني ميري” ڪري سڏيو ويو آهي. ٻيا به اهڙا ڪيترا ئي مثال آهن. مطلب هيءُ آهي ته؛ انسان ذات جي شيوا بجاءِ، مٿن انياچار ۽ ظلم ڪري ٿو.
مھاتما گانڌيءَ جو چوڻ آهي ته؛ “ظلم قائم رهي ٿو پر ظالم هميشه قائم نٿو رهي.” ظالم، ظلم جي گهوڙي تي چڙهي نردوش شخصن کي پنھنجن پيرن هيٺان ڪچلي ٿو ۽ پنھنجي ڪاميابيءَ تي ڏند ٽيڙي کلي ٿو.
هن سموري سرشٽيءَ جو سرجڻھار ايشور آهي. انسان ڪھڙيون به سڦلتائون حاصل ڪري، پنھنجين ڪاميابن تي ڏند ٽيڙي کلي ٿو. پنھنجي محلن مٿان، پنھنجي شان جا جهنڊا جهولائي پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته؛ ايشور جي حڪم کان سواءِ وڻ جو هڪ پن به لڏي نٿو سگهي. ايشور جي حڪم کانسواءِ ڪو به پدارٿ چري نٿو سگهي. اسين ائين سمجهون ٿا ته؛ اسين جيڪي ڪجهه ڪريون ٿا، سو سڀ اسان کي معاف آهي ۽ اسان کي ڪير به ڪجهه ڪندو ڏسي نٿو. ائين سمجهڻ مورکتا آهي. ايشور کي وڏيون اکيون آهن. هر سرو وياپڪ ۽ سرو شڪتيوان آهي. هو سڀ ڪجهه ڏسي ويٺو ۽ ظلم ڪندڙ کي ڪڏهن به معاف نٿو ڪري. قدرت جي جانڊهه ڌيري هلي ٿي پر ظلم کي اهڙو پيھين ٿي ڇڏي جو ان جو ڪٿي به نالو نشان نه ٿو رهي. قدرت ڪنھن جي به اپراڌ کي معاف نه ٿي ڪري. ان ڪري شاهه صاحب جو چوڻ آهي ته:
“ڪت به ڪنب به، اڳيان توريندڙ تکا.”
ايشور کي ياد به ڪر ۽ پنھنجو ڪرم به ڪر ۽ ان کان ڏڪ به.
ايشور ئي ڏاڍو آهي. اتھاس ان حقيقت جو شاهد آهي ته؛ ڪيترن ظالم حاڪمن جي پڇاڙي تمام دکلائي، ڀيانڪ ۽ دل ۾ سيسڙاٽ پيدا ڪندڙ ٿي آهي. ايشور جي نظر کان ڪجهه به لڪل نٿو رهي. اگياني انسان اهنڪار وس؛ هٺيلو، پاپي ۽ پاکنڊي، اڀماني ۽ دلاچاري بڻجي ٿو. ايشور اهڙي انسان کي يقينن ڇڙواڳ ڇڏي ٿو. ان لاءِ جيئن ان انسان جي پاپ جو گهڙو ڀرجي وڃي. پوءِ ئي قدرت ان انسان کان پورو پورو حساب وٺي ٿي. ان ڪري ايشور جي شڪتيءَ کي ڪڏهن به نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي.
حاصل مطلب: ظالم شخص، اهنڪار وچان ٻين تي ظلم ڪري ٿو. وقت اچڻ تي، ايشور کي معاف نه ٿو ڪري. کانئس پورو پورو حساب چڪائي ٿو. قدرت جي جانڊهه ڌيري ڌيري هلي ٿي ۽ پاپيءَ کي پوريءَ ريت پيھين ناس ڪري ٿي جو سندس ڪٿي به نالو نشان نه ٿو رهي.