لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

چونڊ سنڌي چوڻيون

ڪتاب ”چونڊ سنڌي چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن ۽ چوڻين جو ڪتاب ڪيهر مهرچنداڻي جو لکيل آهي جيڪو 1981ع ۾ گجرات سرڪار جي مالي مدد سان هندستان ۾ ڇپيو.
Title Cover of book چونڊ سنڌي چوڻيون

46. جھڙي درشٽي، تھڙي سرشٽي. (چوڻي)

درشٽي ٻن پرڪارن جي ٿئي ٿي؛ ۱- سک درسي، ۲- دک درسي. سک درسي کي انگريزيءَ ۾ Optimist ۽ دک درسي کي Pessimist چيو ٿو وڃي.
انگريزي شاعر رابرٽ برائوننگ، سک درسي هو، هن جو فرمودو آهي. “ايشور پنھنجي سرڳ ۾ موجود آهي ۽ دنيا سان جيڪي ڪجهه ٿئي ٿو، سو برابر آهي”.
ٻيو انگريزي عالم ٿامس هارڊي، دک درسي هو. هن جو چوڻ هو؛ “ايشور پنھنجي سرڳ ۾ موجود ڪونھي ۽ دنيا سان جيڪي ڪجهه ٿئي ٿو، اهو غلط ٿئي ٿو.”
مٿين منجهان اهو چٽو آهي ته جھڙا جھڙا ماڻھوءَ جا خيال هوندا آهن، اهڙيءَ طرح ان جي درشٽي ٿيندي آهي. جيڪڏهن اسين پنھنجي اکين تي ڪاري، سائي، ڳاڙهي يا جنھن به رنگ جي عينڪ چاڙهينداسين ته موٽ ۾ اسان کي انھيءَ رنگ وارو ماحول ڏسڻ ۾ ايندو. هن سڄي سرشٽيءَ جو خالق پرماتما آهي. دک خواهه سک، جيوت جو سينگار آهن. ائين برابر آهي ته دنيا ۾ دک، پيڙا، مشڪلاتون ۽ تڪليفون درپيش اچن ٿيون. ان جو مطلب اهو ناهي ته؛ هيءَ دنيا دکن جو گهر آهي.
زندگيءَ جو ٻيو نالو آهي سنگهرش. زندگيءَ متعلق جدا جدا ودوانن، پنھنجا جدا جدا رايا ڏنا آهن. ڪن زندگيءَ کي ڪر کيتر جو ميدان سڏيو آهي. ته ڪن زندگيءَ کي پيار-ڀري راڳڻي ڪوٺيو آهي. هر هڪ پنھنجي پنھنجي ويچار انوسار، زندگيءَ ۽ دنيا لاءِ، پنھنجا رايا مقرر ڪيا آهن. اها حقيقت آهي ته؛ زندگيءَ جو ٻيو نالو آهي سنگهرش. جڏھن ته سنگهرش ڪندي، دک ۽ تڪليفون اچن ٿيون. ان جو مطلب اهو ناهي ته؛ زندگيءَ مان نااميد ۽ نراش ٿي ويھي رهجي. دنيا، بيحد خوبصورت آهي. دنيا ۾، پيار ۽ وفا، موهه ۽ سونھن به آهي. اهڙيءَ خوبصورت ۽ سندر دنيا لاءِ، ڪا به شڪايت ڪرڻ اجائي آهي. ڪوي بيوس جو چوڻ آهي:
اک لڙڪ سان، منھن مرڪ ڀريو ياد ڪنداسين،
هن فرحت ڀري دنيا ۾، نه فرياد ڪنداسين.
دنيا ۾، هر هڪ انسان سڦلتا پراپت ڪرڻ چاهي ٿو. ان سڦلتا لاءِ ئي، هر هڪ انسان کي ڪشمڪش ۽ جستجو ڪرڻي پوي ٿي. ائين ناهي ته؛ هر ڪم ڪندي، انسان کي سدائين سڦلتا ملي. ممڪن آهي ته ڪاميابي به ملي. ان جو مطلب اهو ناهي ته اسين دنيا مان نااُميد ۽ نراش ٿي پئون. جيتوڻيڪ اهو سچ آهي ته؛ دکي انسان، دنيا کي دکن جو گهر ڪوٺيندو ۽ سکي انسان دنيا کي سکن جي سيج. حقيقت ۾، ائين نه آهي. نه دنيا سکن جي سيج آھي ۽ نه دکن جو گهر. سمورو دارومدار، درشٽيءَ تي آهي. نيڪ ۽ شريف ماڻھوءَ کي، سڀ ماڻھو ٺيڪ ۽ شريف ڀاسندا. سالڪ ۽ سٻاجها ماڻھو، رب جي رضا تي راضي رهندا ۽ خوشيءَ سان دک ڀوڳيندا. هونءَ به دک ته اسان جي امتحان مثل آهي.
سرڳواسي سڳن آهوجا چيو آهي:
“تنھنجا جوهر ٿا کلن، جو ٿو هري مشڪل ڏي”
اسان کي دک ۽ مصيبتون، خوشيءَ سان سھڻيون آهن. ڏک ته جيون کي ڏاجي ۾ مليا آهن ۽ اهي ڏک ئي آهن جي جيون ۾ سڦلتا لاءِ اڳتي وڌائين ٿا. ان ڪري نظر، سک-درسي هئڻ جڳائي. درشٽي تي ئي جيون جي سڦلتا جو دارومدار آهي. جھڙي جھڙي درشٽي ۽ جھڙا جھڙا ويچار هوندا، ان ئي نموني زندگي هلندي. ان ڪري درشٽي، نيڪ ۽ پاڪ هئڻ گهرجي. انسان کي جيڪڏهن ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي، پوتر جيوت بڻائڻي آهي، ٻين ۾ ادم پائڻو آهي ته، درشتي ماڪ جي قطري جھڙي شفاف ۽ پاڪ بڻائڻي پوندي. اسانجي وهنوار جو لاڳاپو به، درشٽيءَ سان آهي. برادري ڀاو سڀني سان نيڪيءَ سان وهنوار ڪرڻ، شخص جي درشٽيءَ تي دارومدار رکي ٿو. عام طرح سان اسين، ائين چوندا آهيون ته؛ ‘عزت چاهين ته اول ٻين جي عزت ڪرڻ سک.’ ان سموري جو آڌار، درشٽيءَ تي ئي آهي.
حاصل مطلب: جھڙي جھڙي نظر اسان جي هوندي، اسان کي اهڙو اهڙو نظارو پلئه پوندو. درشٽي سک-درسي هئڻ گهرجي. جيون جي سڦلتا لاءِ، نيڪ ۽ پوتر درشٽي جو هئڻ ضروري آهي.