74. سرمو سڀڪو پائي، پر اک اک جو ڦير.
سرمو سڀڪو پائي،
پر اک اک جو ڦير.
مٿيون سٽون شري واسديو نرمل، پنھنجي هڪ هائيڪو ۾ چيون آهن. ڏنل چوڻي، شاعر نھايت شاعراڻي خوبيءَ سان، انوکي نموني جذب ڪئي آهي. چوڻيءَ جي معنى کي نه سمجهائي، اسين فقط شاعر جي مٿين سٽ جو بيان ٿا ڪريون.
رات جو وقت سارو آسمان، ننڍڙن ننڍڙن وڏڙن ستارن سان ڀريل هوندو آهي. ستارن جو نظارو نھايت دلڪش ۽ پر ڪيف هوندو آهي، ڪيترا ئي يگ بدليا آهن. تھذيبون ۽ تمدنون، وقت جي ٿڦيڙن کان بدلجي چڪيون آهن. اڻ ڳڻ بادشاهيون، دنيا جي صفحه هستيءَ تان مٽجي ويون آهن. مگر ستارن جي اها سونھن، ستارن جي هجوم ڪارڻ آهي. جيڪڏهن ستارن ڏانھن گھرائيءَ سان ڏسنداسون ته ڪيترا ستارا چمڪندڙ ۽ من-ڀائيندڙ ٿين ٿا. ڪيترا اهڙا آهن جي اڻ سوھندڙ ۽ ڌيان نه ڇڪائيندڙ آهن. آڪاش ۾ انھن جي موجودگي، نھ جي برابر آهي. انھن جي ڌمڪ ۽ چمڪ اڀوڳي، خشڪ ۽ ڦڪي لڳندي آهي. ڪي وري اهڙا آهن جي، سچ پچ ازخود سونھن سان ڀريل آهن. جن کي ڏسڻ سان دکي دل کي تسلي، من کي آرام، روح کي راحت ۽ دماغ کي تراوت اچيو وڃي.
ساڳي ڳالهه سرمي سان واسطو رکي ٿي. هونءَ ته سرمو اهڙو ڪارو آهي جو جيڪڏهن آڱر مٿانئس رکجي ته آڱر ڪاري ٿي وڃي. جڏھن ته سرمو، اک ۾ پائڻ جي ڪم اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان جو اثر ٿڌو آهي، جيڪو ڪنھن حد تائين ۽ ڪجهه وقت لاءِ، اکين کي آرام پھچائي ٿو. ائين ته سرمي پائڻ جي ڪنھن کي به جهل پل ڪانھي ۽ هر هڪ پائي سگهي ٿو. پر اهو ڪنھن کي سونھين ٿو سو دارومدار الڳ الڳ اک تي آهي. ڪوجهي ۽ ننڍيءَ اک تي سرمو ايترو نه سُھندو جيترو کليل ۽ وڏي اک ۾. ساڳئي نموني، هر انسان جي ڪم ڪرڻ جو پنھنجو نمونو ۽ فن ٿئي ٿو. اهو ساڳيو ئي ڪم اگرچ سياڻو، سمجهدار ۽ ڪلاونت ڪندو ته پيو سونھندو ۽ سڀني کي وڻندڙ لڳندو ۽ ٻين لاءِ اهو ڪم فيمن وارو ٿيندو. اگر اياڻو ۽ اڻ آزمودگار اهو ساڳيو ڪم ڪندو ته ان منجهان هڪ طرف ڪنھن کي به فائدو نه پھچندو، ٻئي طرف نقصانڪار پڻ ثابت ٿيندو. ڪيترن شخصن جو وري اهڙو عجيب سڀاءُ ٿيندو آهي جو بنا ڪنھن سوچ سمجهه جي ٻين جو نقل ڪندا آهن. پاڻ کي ٻين اڳيان، سرخرو ڪرڻ لاءِ، اجايا سجايا ڪم ڪندا آهن. ائين ڪرڻ اجايو ۽ بيسود آهي. ڇو ته هر انسان کي پرماتما وٽان ڏاهپ ۽ عقل عطا ٿيل آهي. هر ڪم ڪرڻ، ھر ھڪ کي سونھين ڪو نه ٿو. ساڳئي نموني ٻيو پھاڪو به آهي.
روٽي هر ڪو رڌي، پر هٿ هٿ جو ڦير.
حاصل مطلب: هر ڪنھن قسم جو ڪم ڪرڻ هر شخص جي وس نه آهي. هر ڏانوَ جو ڪم فقط اهو ئي ڪري سگهي ٿو، جو ڪرڻ جي لائق آهي. ڪم کان سواءِ هيءَ چوڻي ڪپڙن پھرڻ، اٿڻ ويھڻ، ڳالھائڻ ۽ ملڻ جي ڍنگ سان پڻ ٺھڪائي سگهجي ٿي.