94. گهڙيا، سي چڙهيا. (چوڻي)
گهڙيا سي چڙهيا، ايهين اٿيئي،
مئي متي مھراڻ ۾، پئو ٽپو ڏيئي،
ته ميھار مليئي، سنڀوڙو سيڻاه سين.
شاهه صاحب سھڻيءَ کي چوي ٿو ته؛ هن سمنڊ ۾، بنا ڪنھن سوچ ويچار جي ٽپو ڏيئي گهڙ! ڇو ته جيڪي سمنڊ ۾ گهڙيا آهن، اهي ئي پار پھتا آهن. تو کي پار اُڪارڻ لاءِ، ميھار پاڻ هٿ ۾، سيڻاھ (ترڻ واري کل) جهليو بيٺو آهي.
اندروني معنى: شاهه صاحب نيڪ صلاح ٿو ڏئي ته؛ جيڪي انسان، زندگيءَ جي هن مھاساگر مان پار اُڪرڻ لاءِ، سنسار ساگر ۾ ٽپو ڏيئي گهڙن ٿا، تن کي بچائڻ لاءِ، پرماتما پاڻ آتو ٿيو بيٺو آهي. تون فقط دنيا جا لڳ لاڳاپا لاهي ساگر ۾ ٽپو ڏي. جڏهن ساگر ۾ گهڙندين، تڏهن پرماتما سان ملندين.
اُپٽار: چوڻي آهي؛
سڌڙيا؛ نه وڌڙيا، هلي اڏايا.
انسان کي، زندگيءَ اندر، انيڪ لاهين ۽ چاڙهين تان لنگهڻو ٿو پوي. انيڪ مشڪلاتن هوندي به انسان، اڻ ڳڻيون ڪلپنائون ۽ آشائون ڪري ٿو. جيون کي بھتر ۽ سندر بڻائڻ جا خواب ڏسي ٿو. مگر خواب تيستائين شرمنده تعبير نه ٿيندا، جيستائين انسان ڪي عملي اپاءَ نه وٺندو. زندگيءَ جي مشڪلاتن کي جن مڙس ٿي منھن ڏنو آهي، اهي ئي حياتيءَ ۾ سڦلتا پراپت ڪري سگهيا آهن. جھان ۾ جيڪي مھاپرش ٿي گذريا آهن، انھن جي حياتيءَ ڏانھن اگر نظر ڊوڙائينداسين ته خبر پوندي؛ انھن امرتا جو پد حاصل ڪيو ئي تڏهن، جڏهن حياتيءَ جي مشڪلاتن، تڪليفن، اهنجن ۽ ڪشٽن کي مڙس ٿي منھن ڏنائون. عملي حل ڳولهڻ کان سواءِ، حياتيءَ جي ڪا به مشڪلات دور نه ٿي سگهندي.
درياهه جي ڪناري تي بيھي، پاڻيءَ لاءِ دانھون ڪرڻ يا اڃ مرڻ، اجايو آهي. پياس، تڏهن مٽائي سگهبي، جڏهن درياهه مان پاڻي ڪڍي پيئبو. ساڳيءَ طرح، زندگيءَ جي اهنجن ۽ ايذائن کان، تڏهن پاڻ آجو ڪري سگهبو، جڏهن ڪي عملي ۽ ٺوس طريقا اختيار ڪيا.
ساڳيءَ طرح؛ پرماتما سان اهي انسان ملي سگهندا، جن کي پرماتما سان ملڻ لاءِ، لگن هوندي. جيڪي دنيا جي حرص ھوس ۽ ترشنائن کي تياڳي، سنسار روپي مھاساگر ۾ ٽپي پوندا. جڏهن منجهن اهڙي همت ۽ حوصلو هوندو ته پرماتما به ساڻن ضرور ملندو. اهڙا سالڪ ۽ نيڪ ارادي وارا شخص ئي، جيون کي سڦلو ۽ سولو بڻائي سگهن ٿا.
حاصل مطلب: رڳي خواهش ڪرڻ وارو جيو، ڍير مثل آهي. جيون کي سڦلو ۽ ڪامياب بڻائڻ لاءِ، ڪي عملي قدم کڻڻ ضروري آهن. پرماتما سان فقط اهي ئي جيو ملي سگهن ٿا، جي ترشنائون تياڳي، سنسار ساگر ۾ ٽپي پون ٿا.