35. تن نه لاءِ طمع کي، طمع تکي تلوار. (سنڌ، چوڻي)
جيون جي بھتريءَ لاءِ، انسان لڳاتار ڪشمڪش ڪندو رهي ٿو. حواسن جي پورائي لاءِ، هو چاڪيءَ جي ڏاند جيان وهندو ڳھندو رهي ٿو. پوءِ به ورلي انسان کي ڇڏي، گهڻا دک ۽ پيڙا جي جنڊ ۾ پيسجندا رهن ٿا. انسان جي من ۾ ڪيترا به پاڪ ۽ پويتر جذبا ۽ ڀاونائون ڇو نه هجن، پوءِ به هو دنيا جي وڇايل ڄار ۾ ڦاسي وڃي ٿو.
ڄار ۾ ڦاسجي وڃڻ، ممڪن آهي. ليڪن اهڙي وقت، انسان کي جڳائي ته هو سوچي ۽ سمجهي قدم کڻي. ڇو ته ڄار جا ڌاڳا، لوهي زنجير جي ڪڙين کان به وڌيڪ مضبوط ٿين ٿا. هڪ دفعو جو به ان ڄار ۾ ڦاٿو، پوءِ آزاد ٿيڻ مشڪل بڻجيو پوي. ڄار ۾ ڦاسڻ سان، هن کي گناهه ۽ ڏوهه ڪرڻا پون ٿا. ان ڄار جو ٻيو نالو؛ لالچ آهي. چوڻي آھي؛
لالچ، بڇڙي بلا آهي.
لالچ انسان کي اهي گناهه ۽ ڏوهه ڪرائي ٿي، جي ڪڏهن به معاف ٿيڻ جا نه آهن. لالچ، انسان کي گناهن جو مجسم بڻايو ڇڏي. لالچي انسان جو من، فقط دکي ۽ پريشان رهي ٿو ۽ هو ٻين اڳيان به ڏٺو ٿئي ٿو. ظاهري طور، لالچ جو روپ ڏاڍو وڻندڙ ۽ دلڪش لڳندو آهي. ڇو ته ان سان ماڻھو ڌنوان بڻجي ٿو. مگر لالچ جي ڌارا، اهڙي ته تيز ٿئي ٿي، جو جنھن کي به لڳي ان کي ختم ڪيو ڇڏي. اها فقط لالچ ئي آهي، جا غلط راهن ڏانھن وٺي وڃي ٿي ۽ ڌن ڪٺي ڪرڻ لاءِ گندا يا اڻ وڻندڙ طريقا اختيار ڪرائي ٿي. لالچ جو ظاهري روپ، بلا جيان نرم ٿئي ٿو، ليڪن ان جو هر قدم بلا جي ڏنگ جيان زهريلو ٿئي ٿو. سياڻن چيو آهي؛
دولت ننھن کان ماس وڇوڙي.
لالچ، دل مان پنھنجن لاءِ ساڃهه ڪڍيو ڇڏي. وڏن جي مان ۽ مرتبي کي ختم ڪيو ڇڏي.
جي به شخص لالچ کان ڪم وٺن ٿا، اهي سدائين دکي گذارين ٿا ۽ رب جي رضا تي راضي نٿا رهن. نه ته اها چوڻي عام آهي.
لوڀ ڇڏين ته سون مٺين سان ورهائين.
جنھن جو مطلب صاف ظاهر آهي ته؛ لوڀ کان سواءِ به انسان ايترو حاصل ڪري سگهي ٿو، جنھن مان جيوت جون سڀ گهرجون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. ان ۾ ٻه رايا، بلڪل نه آهن.
لوڀ يا لالچ، سڀني پاپن جي پاڙ آهي.
تنھنڪري گناهن ۽ ڏوهن جي جڙ، لالچ آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سياڻا ۽ سمجهو ماڻھو، لالچ کان پري رهڻ لاءِ نصيحت ڏيندا آهن.
حاصل مطلب: لالچ ڪڏهن به نه ڪرڻ گهرجي. لالچ کان سدائين پاسو ڪرڻ ۽ پاڻ بچائڻ گهرجي. مثال؛
• قاضيءَ لالچ وس ٿي، پٿر حاصل ڪيا ۽ رقم وڃائي ڇڏي.
• اڌ کي ڇڏي جو سڄيءَ ڏانھن ڊوڙي تنھنجو اڌ به وڃي.