لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

چونڊ سنڌي چوڻيون

ڪتاب ”چونڊ سنڌي چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن ۽ چوڻين جو ڪتاب ڪيهر مهرچنداڻي جو لکيل آهي جيڪو 1981ع ۾ گجرات سرڪار جي مالي مدد سان هندستان ۾ ڇپيو.
Title Cover of book چونڊ سنڌي چوڻيون

101. منھن، ماڻھوءَ جي من جي آرسي آهي. (چوڻي)

مثال: آرسي، شڪل ڏسڻ جي لاءِ ڪم آڻبي آهي. سھڻو ماڻھو، آرسيءَ ۾ سھڻو ڏسڻ ۾ ايندو. بدزيبو ماڻھو، آرسيءَ ۾ بدزيبو ئي ڏسڻ ۾ ايندو. ماڻھوءَ جي جھڙي شڪل هوندي، اهڙو ئي عڪس آرسيءَ تي پوندو.
سمجهاڻي: انسان جي شرير ۾، ايشور جيڪي عضوا ڏنا آهن، سي سڀ اکين سان ڏسي سگهجن ٿا. من، عضوو ڪونھي، جنھن کي ڏسي سگهجي. ائين چيو وڃي ٿو ته؛ ‘ويچارن جو گهر، من آهي.’ من ۾ ئي، ويچارن جو جنم ٿئي ٿو. من ۾ ئي ويچارن جون لھرون اٿن ٿيون ۽ لھن ٿيون. دنيا جي اندر، اهڙو ڪو به انسان ڪونھي، جنھن جي من ۾ ويچار پئدا نه ٿين. من-وديا جي ماهرن جو رايو آهي ته؛ من سانت ڪري وهي ئي ڪو نه ٿو. انسان ڀلي ستل هجي يا ڪنھن ڪم ۾ رڌل هجي ته به، سندس من ۾ ويچار پيا پيدا ٿيندا. هڪڙا ويچار لھندا ته ٻيا چڙهندا. ويچارن جو پاڇو انسان جي منھن تي پوي ٿو. جھڙا جھڙا ويچار، انسان جي من ۾ پيدا ٿيندا، اھڙي لکا انسان جي چھري مان پوندي.
مثال طور، اسان کي ڪنھن انسان لاءِ حقارت ۽ نفرت آهي. اگر اسين، پنھنجي زبان سان ان جو اظھار ڪري نه سگهنداسين ته به، نفرت جا آثار اسان جي چھري مان ظاهر ضرور ٿيندا. اسان جي من ۾، ڪنھن لاءِ ڪاوڙ پيدا ٿئي ٿي ۽ ڪنھن سبب ڪري اھا ڪاوڙ يا غصو، زبان سان ظاهر ڪري نه سگهنداسين ته به، اُن ڪاوڙائيندڙ ويچار جو عڪس، اسان جي چھري تي ڏسڻ ۾ ضرور ايندو. جيڪڏهن ڪنھن شخص لاءِ اسان کي تمام گهڻو پيار آهي ۽ مجبوريءَ سببان پيار جو اظھار زبان سان نٿو ڪري سگهجي ته به، پيار ڀريل ويچارن جو پاڇو اسان جي چھري تي هوندو. اسان جو ڪو دوست اسان کان گهڻن ڏينھن کان وڇڙيل آهي ۽ ڪافي عرصي بعد ملي ٿو ته اسان جي من ۾ سندس ملڻ جي جهجي خوشي ٿئي ٿي. اُن خوشيءَ جي جهلڪ، اسان جي چھري تان ڏسڻ ۾ ايندي. لوڀي ۽ حوسي ويچار، جيڪڏهن اسان جي من ۾ پيدا ٿين ٿا ته به، انھن جو اثر اسان جي منھن تي رهي ٿو. پوءِ ڀلي پنھنجي زبان سان ڪجهه به نه چئون. ڪنھن شخص جي چھري تان ئي ڀانپي وٺبو آهي ته؛ سندس اندر ۾ ڪھڙا ويچار آهن. نااميدي ۽ نراسائي به چھري مان سمجهبي آهي. دراصل نراس ۽ ويچار، اول من ۾ ئي پيدا ٿين ٿا. ڪيترين حالتن ۾ ته اهو به ڏسڻ ۾ آيو آهي ته، شخصن جي من ۾ سدائين برا ويچار پئدا ٿا ٿين. اُنھن جي شڪل به ڀوائتي ۽ اڻ وڻندڙ بڻجي ويندي آهي. جنھن شخص جي من ۾ دائمي نيڪ ويچار پئدا ٿين ٿا، تنھن جي شڪل نماڻي ۽ موهيندڙ بڻجي پوندي آهي. سندس چھري تي سدائين، ڪوملتا جو واسو هوندو آهي ۽ سوگيمتا نرنيه ڪندي آهي. ان ڪري ان چوڻ ۾ ذرو به وڌاءُ ڪونھي ته؛ “منھن، ماڻھوءَ جي من جي آرسي آهي.”
حاصل مطلب: من ۾ جھڙا جھڙا ويچار پئدا ٿين ٿا، اهڙو اهڙو پاڇو چھري تان ڏسڻ ۾ ايندو. لوڀي ۽ حوسي، برن ۽ نيڪ، توڙي پراڪرمي ويچارن جو اثر، چھرو ڏسڻ سان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو.