105. ويل ويل، هٿ نه ايندي. (چوڻي)
ويل؛ ويلو، ٽاڻو، وقت، موقعو، مھل.
ھتي ويل جي معنى آهي؛ وقت. وقت جو گذري وڃي ٿو، اهو واپس نه ٿو اچي. سيڪنڊن مان ڪلاڪ ٺھن ٿا. ڪلاڪن مان رات ۽ ڏينھن. ڏينھن جڙي، سال بڻجن ٿا. اهڙيءَ ريت، وقت جي جڙڻ جو اٽوٽ سلسلو جاري آهي. وقت، جو گذري ٿو وڃي، اهو ڪڏهن به واپس موٽي نه ٿو اچي. جھڙيءَ ريت ڪمان مان ڇٽل تير، واپس نه ٿو وري. ساڳيءَ ريت، گذريل وقت به واپس هٿ نه ٿو اچي.
ڪيترن ماڻھن جي اها عادت ٿيندي آهي جو، ڪو به ڪم بروقت ڪرڻ کان پيا ڪيٻائيندا آهن. سڀاڻي يا ٻئي ڏينھن تي، اهو ڪم ڪرڻ نسبت پيا سوچيندا آهن. ساڳئي ڏينھن تي، ڪن مجبورين يا لاچارين سبب، اهو ڪم ڪري نه سگهندا آهن. ويلو ٽرڻ کانپوءِ، پيا هٿ هڻندا آهن ۽ پڇتائيندا آهن. هيءُ پھاڪو تڏهن چيو ويندو آهي. ان ڪري سياڻا، سدائين وقت انوسار ڪم ڪرڻ ۽ اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه رکڻ جي صلاح ڏيندا آهن.
106. هٿ جي ڪنگڻ لاءِ، آرسيءَ جي ضرورت ڪونھي. (پھاڪو)
انسان، ٻيا سمورا عضوا پنھنجي اک سان ڏسي سگھندو آھي. جڏھن ته منھن، جيڪو سندس سڃاڻپ آھي، اھو سڌو سنئون ڏسي نه سگھندو آھي. ان لاءِ کيس اھڙي شيءِ جو سھارو وٺڻو ھوندو آھي، جيڪا کيس پنھنجو چھرو پسائي ته جيئن ان وڌيڪ ٺاھڻ ۽ ان جا ظاھري عيب لڪائڻ ۾ انسان کي مدد ملي سگھي. اھو ئي سبب آھي جو آرسي، منھن ڏسڻ لاءِ ڪم ايندي آهي. آرسيءَ ۾، منھن بلڪل چٽو ۽ صاف ڏسي سگهبو آهي. جھڙو منھن هوندو، اهڙو ئي عڪس آرسيءَ ۾ ڏسڻ ۾ ايندو.
دنيا ۾ ٻن قسم جون ڳالھيون ٿين ٿيون؛ هڪڙيون ڳجهيون ۽ ٻيون ظاهر. ڳجهين ڳالھين لاءِ، ڪن ثبوتن ۽ دليلن جي ضرورت پوندي آهي. جيڪي ڳالھيون بلڪل پڌريون ۽ ظاهر هونديون آهن، تن لاءِ ڪنھن به دليل جي ڪا ضرورت نه پوندي آهي. ان ريت جنھن هٿ ۾ ڪنگڻ پيو هجي، جنھن کي اسين پنھنجي ظاھري اکين سان، تمام سولائيءَ سان ڏسي سگهون ٿا. هي پھاڪو تڏهن چيو ويندو آهي، جڏهن ڪا به حقيقت بلڪل صاف ۽ چٽي هجي.
(( سماپت ))