102. محبت نه جن جي من ۾، تن جي مٽي اڻاسي. (چوڻي)
انسان جو شرير، مٽيءَ جو ٺھيل آهي. موت پڄاڻا، پڻ مٽيءَ ۾ ملي وڃي ٿو. پرماتما، سڀني انسانن کي پئدا ڪيو آهي. نيچ يا اوچ، غريب يا شاهوڪار، چالاڪ يا چريو، سڀ ڌڻيءَ سڳوري جا خلقيل آهن. مالڪ، سڀني انسانن کي هڪجھڙو پئدا ڪيو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو، پرماتما جي انصاف جي ساهميءَ جا ٻئي پڙ، برابر ۽ سندس نظرن ۾ سڀ سمان. مگر انسان، هڪٻئي سان برابريءَ وارو ورتاءُ نه ٿا ڪن. ساڙ ۽ وير رکندي هڪ-ٻئي کي ونجوڳ، دغا ۽ دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. ائين ڪرڻ، انسان کي نه جڳائي. پرماتما، سڀني انسانن کي ان ڪري خلقيو ته پاڻ ۾ پيار ۽ حب سان هلن.
حقيقت ۾ جو انسانُ، انسان کان نفرت ڪري ٿو، سو ڌڻيءَ کان دور ٿي وڃي ٿو. انسان جو انسان سان سٺي نموني هلڻ، پرماتما کي پائڻ جو ڏاڪو آهي. جيڪي انسان هڪٻئي سان سٺو نٿا هلن، تن جو جيئرو رهڻ اجايو ۽ وئرٿ آهي. هر انسان کي جڳائي ته؛ ٻين سان ساز سلوڪ سان هلي. من ۾ الاهي عشق ۽ پرماتما کي پائڻ لاءِ، امنگ ۽ جذبو رکي، دنيا ۾ رهي. دنيوي ڪارين ۾ به مشغول رهجي ۽ پنھنجي خلقڻھار کي به نه وسارجي. نج سوارٿ کي پوري ڪرڻ لاءِ، ٻين جو برو نه چاهجي. ڪرڻ ائين جڳائي ته؛ سڀني کي برابر ڄاڻجي. سڀني سان ڀلائي ڪجي. غريبن ۽ دکين تي، ديا ڪجي. تڏهن ئي انسان جو جيئڻ، ڪارگر ليکيو وڃي ٿو.
حاصل مطلب: انھن انسانن جو جيئڻ ئي اجايو آهي، جن جي اندر ۾ انسان ذات لاءِ پيار نه آهي.