48. جي نميا، سي چڙهيا.
اڪثر ڪري ائين ڏٺو ويو آهي ته؛ انسان کي سرير، مايا ۽ عھدي ملڻ سبب، اهنڪار اچيو وڃي. جڏھن ته سرير، مايا ۽ عھدو، سدائين لاءِ نيبهه نه آهن. سرير اڄ آهي، سڀاڻي نه هوندو. مايا؛ اچڻي وڃڻي. ڪڏهن آهي ته ڪڏهن آهي ئي ڪو نه. ڪکا-پتي لکا-پتي بڻجي وڃن ۽ لکا-پتي ڪکا-پتي بڻجيو وڃن. وقت، سدائين هڪ ئي رفتار سان نٿو هلي. پيو ڦري گهري. دائمي نه آهي. نه ئي ظاهري ڏيکاءُ گهڻو وقت قائم رکي سگهبو؟ واريءَ جو محل، گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪندو. جيستائين ماڻھو ڪرسي تي آهي، تيستائين سندس سوين سلامي. جيئن ئي ڪرسيءَ تان لٿو تيئن سدائين هستي ختم. دنيوي ڏيکاءَ تي، جيڪي ماڻھو هٺ ٿا ڪن، سي سياڻا نه آهن. سياڻا اهي آهن، جيڪي دنيوي پدارٿن کي ناسونت ڄاڻي، نيڪي ۽ نمرتا واري واٽ اپنائين ٿا.
سٺا لڇڻ ئي انسان جي سونھن کي، چار چنڊ لڳائي ٿا ڇڏين. سچائي ۽ صفائي، سادگي ۽ نمرتا، انساني جيون جا املهه ڳهڻا آهن. نمرتا وارو انسان، سڀني کي پيو وڻندو. جتي ۽ جنھن وٽ ويندو، مان ۽ عزت پائيندو. نمرتا واري انسان ۾، انيڪ خوبيون آهن.
مثلن: ٻين سان پريم سان وهنوار ڪرڻ، ٻين جي عزت ڪرڻ، سڀ جي ڀلي لاءِ سوچڻ، ٻين کي اوکي ويل مدد ڪرڻ، ڪوڙي شان ۽ اڊمبر کان پاسو ڪرڻ، سچ جي راهه وٺڻ، سادگيءَ سان جيون گهارڻ. نمرتا سان ئي رب ريجهائي سگهجي ٿو. اهنڪار ۽ هٺ، منش جي زواليت جا ڪارڻ آهن. اتھاس ان حقيقت جو شاهد آهي ته، اهي حڪومتون گهڻو وقت جٽاءُ ڪري نه سگهيون، جن جا سنڀاليندڙ بادشاهه اهنڪاري ۽ هٺيلا هئا. پڪل ميوو، هميشھ نميل هوندو آهي. انسان به صحيح معنى ۾ اهو ئي انسان آهي، جو نميل آهي. نوڙت واري انسان کي، ڏيکاءُ وڻي ئي ڪو نه. دنيا جون لالچون، کيس پاڻ طرف ڇڪي نٿيون سگهن. هو سنسار ۾ رهندي به سنسار جي پدارٿن کان، پاسيرو رهي ٿو. ٻئي جي شيوا ۾ ئي آنند ماڻي ٿو ۽ آخر ۾ سنسار ساگر مان تري پار پوي ٿو. نئڙت وارو انسان، ذات پات، اونچ نيچ، امير غريب وغيره جي جڙتو ديوارن کي ٽوڙي، ختم ڪري ٿو. پرڀوءَ جي مڙني بندن کي، پيار ڪري ٿو. ان ڪري جيڪي نئڙت ۽ نياز سان هلن ٿا، سي ئي سٻاجها ۽ پرڀوءَ جا پيارا آهن. انھن جو ئي هن اننت سنسار ۾، نالو پيو جرڪي ۽ چمڪي.
حاصل مطلب: نئڙت ۽ نياز وارا انسان، سڀني کي پيا وڻن. اهي ئي هن سنسار ساگر مان، پار لنگهي ٿا وڃن. دنيوي وڪارن ۽ پدائن کان، اهي سدائين پاسيرو رهن ٿا. مڙئي انساني گڻ ۽ خصلتون، نئڙت جي گرڀ مان جنم وٺن ٿيون.