”اکين ۾ الڪا“ بابت ٻہ اکر
۽ پوءِ ٻيھر جلد ڪتاب ڪمپوز ڪرائڻ ۽ ڇپرائڻ جي مون ۾ ھڪ تہ مالي سڪت ڪانہ ھئي، ٻيو وري مٿان منھنجا ٻہ ٻيا ڪتاب خيال ڪڙو کڙڪائن ٿا (ريڊيائي اسڪرپٽ) ۽ صحرا مون ۾ ساھ کڻي ٿو (نئين شاعري )ڇپجڻ لاءِ تيار ھُيا، تنھن ڪري اول انھن ڪتابن کي ڇپرايم. سگهو ئي پوءِ ٻيو نثري ڪتاب ”اسان کان پيار لکرايو“ ڪمپوز ٿيل ھو سو بہ ڇپرايم.
اھڙيءَ طرح 2004 کان 2024 تائين ويھَن سالن جي وڏيءَ وٿيءَ پڄاڻان ھڪ ڀيرو ٻيھر ”اکين ۾ الڪا“ اوھان پيارن پڙھندڙن تائين پھچائي بيحد خوشي محسوس ڪري رھيو آھيان.
پر ھن دفعي ”اکين ۾ الڪا“ ڇپرائڻ بدران ڊجيٽل ايڊيشن ڪمپوز ۽ پي ڊي ايف جي صورت ۾ اوھان جي اکين اڳيان آيو آھي. ڇو تہ ڪتاب جي ڇپائيءَ جا خرچ ايترا تہ ڳاٽي ٽوڙ مھانگا آھن جو مون پارو پرائمري استاد جي سَکڻي پينشن تي گذارو ڪندڙ شخص افورڊ ئي نٿو ڪري سگهي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو سڄو ڪتاب سَنواري، سُڌاري ٻيھر ڪمپوز بہ مون پاڻ ئي پنھنجي موبائيل تي ڪيو آھي.
پر ھڪڙي ٻي سرھائيءَ جي ڳالھ اوھان سڄڻن سان اوريندو ھلان تہ سندم نئينءَ شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب ”ڪويتائن - ڪنٺمال“ جلد ئي ڇپرائڻ جو ارادو ڪيو اٿم . جيڪو پڻ ڪمپوز ڪري ڇڏيو اٿم. جيڪڏھن حياتي رھي تہ انشاﷲ ھن ئي سال جي آخر ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويندو.
اميد اٿم تہ مون حقير، فقير ۽ ادنا آدميءَ جي ھن اڀري، سڀري پورھيي (شاعريءَ) سان بي پناھ پيار ڪندڙ پاٺڪُن پاران ساڳي مانائتي ۽ محبت ڀري موٽ ملندي.
ھتي آئون پنھنجن انھن قابلِ احترام استادن سنڌ جي محبوب شاعرن، محترم وسيم سومري ۽ مرحوم واجد منگيءَ جي انھن محبتن کي ڪٿي ٿو وساري سگهان؟ جن شروع، شروع ۾ نہ رڳو منھنجي ڪچيءَ ڦڪيءَ شاعريءَ ۾ دل سان اصلاح ڪئي ۽ رھنمائي ڪئي، پر مون جھڙي اڻ گهڙي ڪاٺ کي شاعريءَ جي ساحريءَ جا گُر سيکاري، شاعريءَ جي سرزمين تي ھلڻ جو ھُنر سيکاريو ۽ سٽُن ۾ ساھُہ وجهڻ سيکاريو. ۽ محبتون تہ محترم استاد آسي زمينيءَ جون بہ وسارڻ کان وڏيون آھن، جنھن جي سخن شناس نگاھُن ”اکين ۾ الڪا“ کي تپاسي، تراشي پنھنجي اشاعتي اداري طرفان ڇپرايو ھو.
سنڌ سلامت ڪتاب گهر سٿ، خاص ڪري محمد سليمان وساڻ جو پڻ ٿورائتو آھيان جنھن نہ صرف ھي ڪتاب پر منھنجا ٻيا بہ سڀ ڪتاب پنھنجي ويب سائيٽ ۽ اينڊرائيڊ ايپليڪيشن ۾ شامل ڪيا آھن.
آئون پنھنجن انھن سڀني محترم شاعر استادن جي محنتن ۽ محبتن جو مقروض آھيان. سندن اِھو قرض لاھي تہ ڪونہ سگهندس پر ڳائيندس ضرور پيو.
بقول وفا ناٿن شاھيءَ جي؛
تنھنجا ٿورا لاھي نہ سگهيو تہ بہ ڳائيندو پيو،
وفا غريب سھي، بي ضمير ناھي ڙي!
آئون اُھوئي؛
اوھان جو پنھنجو
امر ساھڙ
مارچ 2024 ع