لطيفي راڳ جھڙي دلربا شاعري
ٿر جي مٽيءَ ۾ نہ ڄاڻ ڪھڙي خوشبوءِ آهي، جو اُتي تخليق جي ديوي مِڙئي سرس مھربان رهي آهي. اِها مھرباني امر ساهڙ تي تھائين وڌيڪ نظر اچي ٿي. هُو ٿر جي خوشبوءِ کي سموريءَ سنڌ جي خوشبوءِ سان ملائي پنھنجيءَ شاعري ۾ سڳنڌ ۽ مَڌ جا مَٽڪا چُڪائي ٿو. جن جو واس ۽ کيپ خمار ماڻھوءَ کي دل جي دنيا جي نئين ديس ۾ کنيو وڃي.
امر ساهڙ جي شاعري بنيادي طور محبت ۽ عشق جي شاعري آهي. توڻي جو هن وٽ موضوعن جي فراواني ۽ تخيل جا انبار آهن. پر هو خيالن ۽ جذبن جون سموريون ڪھڪشائون لتاڙي وري بہ محبت ڏانھن ئي موٽيو اچي. هر عظيم تخليقڪار جي تخليقي ۽ لازوال منزل محبت ئي آهي، حالانڪ انھيءَ وچ ۾ ڪيترائي دلپذير ۽ وجود کي ويڙهجي ويندڙ دلربا ٿاڪ اچن ٿا. بدن جي لُطافتن کان وٺي ازل ابد جي اِسرارن جي ڳنڊ- اُکيل تائين۔ دلبر کان وٺي ديس تائين، چنڊ ستارن کان وٺي سمنڊن تائين، اُجري امبر کان وٺي ڌرتيءَ ڌوڙ ڀڀوت تائين، امن کان وٺي ويڙھ، آزاديءَ کان وٺي انقلاب تائين ۽ اڪيلائين کان وٺي وصالن جي لذتن تائين، انساني زندگيءَ جي دکن، دردن، وڇوڙن، ميلاپن، ويڙهن، خوشين، احساسن ، امنگن ۽ آرزوئن جي ڦول ڦلار هر دور جي شاعريءَ ۾ خوشبوءِ اوتيندي رهي آهي.
امر ساهڙ جي شاعري بہ عشق، انقلاب ، سونھن، فطرت ، ڌرتيءَ ۽ آڪاش جا سمورا لنگه لتاڙيو بُلندين ڏانھن ڪاهيندي پئي وڃي. هُو لفظن ۾ سنڌ جي مُصوري ٿو ڪري. جڏهن هُو اُتي استحصال، بُک ۽ پيڙائن جا پاسا پَسي ٿو تہ سراپا احتجاج بنجي ٿو اٿي. ۽ انقلاب ۽ آزاديءَ جي نئين ۽ روشن صُبوحءَ لاء پنھنجيءَ شاعريءَ جي ڪَٽاريءَ وسيلي رات جي سيني ۾ سوراخ ڪري ٿو ڇڏي. هُو دُکي انسانيت ۽ پوري عالم جي ترجماني پنھنجيءَ شاعريءَ ۾ ڪري ٿو. پر پوءِ بہ هُو هر عظيم تخليقڪار وانگر عشق ۽ محبت سان پنھنجا پانڌ اٽڪايو اچي ٿو.
ڪو بہ شاعر فقط ۽ فقط انقلاب جو شاعر ٿي، صدين جي سنگ ۾ نہ ٿو هلي سگهي . صدين جي سنگ، سنگ رڳو ڪوتا ڪاڪ جو اُهو راڻو ئي هلي سگهي ٿو، جيڪو انقلاب سان گڏ محبت جو شاعر بہ آهي. ڇو تہ انقلاب انسان ذات جي عبوري منزل آهي .شاعري جيڪڏهن اُنھي دائمي منزل جي جُستجو ۽ حاصلات جو ذريعو نٿي بڻجي تہ اها عبث آهي. ۽ صدين جي مُنھن زور گهوڙي تي سوار ٿي نہ سگهندي. جڏهن تہ امر ساهڙ جي شاعريءَ ۾ اها سگهہ نظر اچي ٿي جيڪا لازوال آهي.
امر ساهڙ جي شاعري ٿري لباس پاتل اُها ڇيل ڇَٻيلي لاڙي وينگس آهي، جنھن کي وقت ڌاڙيل قيد زمان ۾ مُقيد نہ ٿو ڪري سگهي . ڇو تہ اِها هوا وانگر هلڪي، سمنڊ وانگي گھري، آسمان وانگر بُلند ۽ وقت جي وسعتن کان وڌيڪ وسيع آهي. ۽ امرتا اُن تي پنھنجي مھر ثبت ڪري ڇڏي آهي .
نواز خان زئور
ميرپور بٺورو