اسين تاريخ ٿيڻ گهرون ٿا
ارمانن جون اَرٿيون،
تيزگامَ کان تِکي وقت کي،
رِڍَ جهڙيءَ رفتار سان،
رَسئون تہ ڪيئن رَسئون؟
صرف سرڪيوليشن خاطر،
ڪَمرشل اخبارَ جي،
ڇرڪائيندڙ خبر جيان،
ميڪ اَپ جي ماسِڪ ھيٺان،
بازاري چھرا لِڪائي،
وياجَ تي ورتل اُڌارن ٽَھُڪن آڌار،
ايڊھاڪ پيار جي بيساکين سَھاري،
جيئون تہ ڪيئن جيئون؟
وقت جي مَسندَ تي ويٺلَئو!
اوھين تاريخ کي چَئي ڇڏيو،
گُلابي بدن بدران اسان،
سنڌ کي وَچن ڏئي ڇڏيو.
ٽين دنيا جي عالمي آقائن،
فوجي امداد جي عيوض،
عالمي بينڪَ جي اڪائونٽ ۾،
تباھ ڪارين جا دَستاويز،
داخل ڪرايا آھن ليڪن!
ايٽمَ بمَ جي سَرگمَ تي،
رقص ڪندڙ موتَ جي،
منحوس ڏائڻ جي،
رموٽ ڪنٽرول تي،
جيئڻ ۽ مرڻ بدران،
اسان مَڪليءَ جي ماٺِ جي،
ڪا چيخَ ٿيڻ ٿا گهرون،
۽ موئن جي دڙي جي،
تاريخ ٿيڻ ٿا گهرون،
اسان موتَ کي بہ ڪائي،
معنا ڏيڻ ٿا گهرون،
ڪنھن ڪارج جي ڪارڻ،
مَري بہ جيئڻ ٿا گهرون،
وري بہ جيئڻ ٿا گهرون،
اسين تاريخ ٿيڻ ٿا گهرون.