کيليءَ-کُٽڪو
سيمَ مان ۽ سيڙھي مان،
اجنبي اوڌارن جا،
اسان پيرَ اوھاڙي ڏٺا،
ڪارو ڪاريءَ جي آڙ ۾،
ڪنڌَ ڪيترا ڪھاڙي ڏٺا؟
وحشي وڏيرن جا،
اسان راز اُگهاڙي ڏٺا-
سنڌ جي نالي تي سودا ٿيا،
جي بہ جيالا، جوڌا ٿيا،
سي ئي خچر ۽ کودا ٿيا،
نوٽَ ھڪڙي نيري تي،
۽ سياسي سيري تي،
واتَ ڪيترا پاڻي ٿيا،
۽ ڳڙَ-ڌاڻي ٿيا،
رڳو عشق جا اسير ئي،
ڪربلا جي ڪھاڻي ٿيا،
ٻيو ڪو ھُجي تہ ٻُڌايو؟
جو رُوپي جي ريت نڀائي،
پنھنجي جنم جُوءِ بچائي،
جَرنيلن جي جُوتن کان،
۽ ڌارين ڌُوتن کان،
کيتَ کَسي،جاگير ڇڏائي،
سنڌ جو عاشق پوءِ سَڏائي،
پھرين سرَ جي ڀيٽا ڏي،
۽ گيت رچي ڪي ريٽا ڏي،
جن جي تيز جهڪورَ سُڻي،
ساري سنڌ سُجاگ ٿئي،
جا شھر ڪراچيءَ جان،
روز ڪُسي ٿي روڊن تي،
ڪَچي توڻي ڪاڇي ۾،
ڪنھن پيشوا جي پاڇي ۾،
عُمر قيد مُريد جيان،
سنڌ سياسي اسير آھي،
پاپي ھر ڪنھن پيرَ جِي،
مُردار وڏيري ۽ ميرَ جِي،
جيون جنھن لئہ گار جيان،
حق بخشايل ڪُنوار جيان،
مُرڪڻ جنھن جا موھ بنا،
ڏنڊ ڀري ٿي ڏوھ بنا،
ھيءَ ڌرتي سِرڙئي ھاريءَ وانگي،
۽ ڪارو، ڪاريءَ وانگي،
اُن جو ڪنھن کي اُلڪو آھي،
يا ڪو کيليءَ-کُٽڪو آھي؟