ڀٽائيءَ جي ڀَر ۾ دفن ٿيل ھڪ دور
خُوشبوءَ جو خُون ٿيو آھي،
۽ ھڪُ دور ڀٽائيءَ جي اڄُ،
ڀَر ۾ مَدفُون ٿيو آھي.
دُور سِتارن ڏي سَپنن جي،
اڄُ مَھڪ اُڏائي موت ويو،
ٿَي چانڊوڪيءَ کان چنڊ پُڇيو،
ڇو ڦُول ڀلا ٿي فوت ويو؟
جنھن وقت لڳي ٿَي ماتَم جَي،
ھيءَ سنڌ وڳي ڪنھن گيڙوء ۾،
تنھن ويل جهڪي ٿي جوتِ جيان،
ھُئي ٽِم ٽِم ھر ڪنھن ٽيڙوءَ جي.
آڪاس اُکولي ڇَيڪ ڇَڏي،
گهنگهور گهٽا ڪنھن گيسوءَ جان،
۽ سنڌ پَئي آ پيلي ٿِي،
ڦُلواڙيءَ جي ڦُل_ڪيسوءَ جان.
جيئن وڳر کان وڇڙي ڪائي،
ڪُرلائي ٿِي ڪُوج اَڪيلي،
تيئن تنھا ٿِي ڪنجهر تي ڪا،
گيتن جي اڄ گُونج اَڪيلي.
ٿِي گُونجي روز گِٽار جيان،
چَئني پاسي چيخَ صَديءَ جي،
ڪير ڪَوي! چَوءُ تحرير ڪندو،
تون کان پو تاريخ صديءَ جي؟
ٿِي شوخ ھوا جي شُعلن سان،
ھِن ديسَ مٿان ڪا ڌُوپَ وَسي،
۽ ماڪ جيان مَن ڪاڪ مٿان،
ٿِي دُک جا ڌاري رُوپ وَسي.
ھُو صُوفي ھو ، لا ڪُوفي ھو،
ھاڻي بحث اجايو آھي،
ھُن جي سِرجيل سوچ سَلوڻي،
سنڌڙيءَ جو سرمايو آھي.
ھُو باغي ھو يا راڳي ھو،
ھِن جيڪاجوت جَلائي آ،
سا سوجهاڪي جَي ساک جيان،
ھِن ڀُوميءَ لاءَ ڀلائي آ.
ھُو ڏات ڌڻي ھو ڳالھ گهڻي،
جنھن جڳ ۾ آندي جاڳرتا،
اُن شاعر جا اَحساس اُچا،
ھِن ڌرتيءَ وارن کي پَرتا.
حُسناڪ ڪَلا جا ڪيئي ھُو،
ھِت گيتَ ڇڏي ويو آھي،
۽ مينديءَ رُت ۾ مُرجهايل،
ڪُجه ميتَ ڇڏي ويو آھي.
ھُن جا ڪونہ فنا ٿي سگهندا،
نغما نيڻ-نِھارُن جھڙا،
اَمَرُ ڪَوي! ٿي ويندا تُنھنجا،
سڀئي شعرَ سِتارن جھڙا
(29 ڊسمبر 1997 اياز جي لاڏاڻي وقت لکيل)