امر ديپ
امر ساهڙ پنھنجيءَ ٽھيءَ جو نھايت ئي وڻندڙ ۽ سُرت ڀريو شاعر آهي. سندس شاعري جدت ۽ حقيقت سان هم ڪنار آهي. امر جي شاعريءَ ۾ گهڻو مطالعو ۽ گھرو مشاهدو ملي ٿو. هن پنھنجي معاشري ۽ ماحول مان جنم وٺندڙ واقعا، حادثا ۽ منظر تمام ويجهي کان ڏٺا آھن. ۽ اُنھن جو شديد ضروري ۽ گهربل اثر قبول ڪيو آھي. امر جي ٻولي بہ پياري ۽ وڻندڙ آھي. جيڪا گهڻن شاعرن کان نرالي ۽ مختلف آھي. سندس روشن اک ڪئمرا کان بہ وڌيڪ ڇڪيندڙ ۽ جهٽيندڙ آھن. سندس قلم بہ ڪنھن هوشيار مُصور جي بُرش کان گهٽ چِترڪار ناهي. سندس شاعريءَ ۾ حُسن ۽ جمال بہ ملي ٿو، جاه و جلال بہ ملي ٿو، سماجي درد بہ ملي ٿو ۽ شديد احساس بہ، جيڪو هر شاعر لاءِ انتھائي ضروري هوندو آهي. امر اُنھن چند شاعرن مان هڪ آھي. جن وٽ ڏات بہ آھي ڏانءُ بہ آهي ، ٻولي بہ آهي، ٻوليءَ جي استعمال جي تميز بہ، امر پنھنجي دور جي هر موضوع ۽ صنف تي لکيو آھي، غمِ- ياران کان وٺي سماجي مسئلن تائين، غزل کان وٺي آزاد نظم تائين. سندس شاعريءَ ۾ ڪامياب تجربا ٿيل آھن. امر پنھنجي دور جي هر مسئلي ۽ مطالبي کان باخبر آھي. امر ساهڙ کي جيڪڏهن ”امر شاعر“ چئجي تہ بہ چئي سگهجي ٿو . سندس اسلوب، لھجو، ٻولي، زبان ۽ بيان نج سنڌي ۽ سندس پنھنجو آھي ۽ اها ڪافي وڏي ڳالھ آهي. اهي سندس خوبيون بہ آھن ۽ انفراديتون بہ آھن. سندس شاعري مُرڪن ۽ لُڙڪن جو اثرائتو سنگم آهي ۔
هڪ طرف سندس شاعري ڪارونجهر جي ڪور تي بيٺل اهڙي اُڃايل مورَ جي رڙ آھي، جنھن جي ڊيل ڪنھن حُسن ۽ پيار جي ويريءَ ۽ پاپي شڪاريءَ هٿان بندوقجي وئي هُجي، رُڃ ۾ بيٺل اُڃايل، ڦَٽيل ۔ ڊنل ۽ تن ۔ تنھا هرڻيءَ جي لاوارث ۽ مجبور دانھن بہ آھي، تہ ٿر جي ڪربلا جھڙي گرم ۽ ٽپا ڏياريندڙ واريءَ جي تِشنہ لب پُڪار بہ آھي. ۽ برسات لاءِ سانوڻ کي لال لڙڪن جي زبان سان ڪيل منٿ ۽ آزي نيازي بہ، ٻئي طرف سندس شاعري اڻ ڇُھيل ۽ ڪُنوارن گلن جي چريو ڪندڙ ۽ سحر آفرين خوشبوءِ لڳي ٿي، حُسن ۽ شباب ۾ ٻُڏل رنگن جو ميڙاڪو محسوس ٿئي ٿي، پُونم جي چنڊ جو پاڻ ڏانھن ڇڪيندڙ مقناطيسي جوڀن ۽ سونھن نظر اچي ٿي. نوجوان چانڊوڪيءَ جي دوشيزگي محسوس ٿئي ٿي. سندس شاعري ڪنھن واقعي ڪُنواريءَ جي خوابن ۽ خيالن کان وڌيڪ خوبصورت ۽ رنگين آھي. سندس شاعريءَ ۾ آبشارن جھڙي رواني، پھاڙن جھڙي بُلندي ۽ ماٿرين جھڙي وسعت آھي ۔
امر ساهڙ شاعريءَ جي ٽيڪي تي رکيل اُهو ”امر ديپ “ آھي، جنھن کي نہ اُبتڙ هوا وسائي سگهي ٿي ۽ نہ ئي سُبتڙ ھوا.
وفا ناٿن شاهي
حيدرآباد سنڌ