ڇا ھيءَ سنڌ منڊي آھي؟
جت ھر جنس وِڪامي ٿي،
سستي سگريٽ جيان،
۽ چيڪي ميٽ جيان،
لوٽا ليڊر جام جُڙن ٿا،
ا سپيشل ۽ عام جُڙن ٿا،
ڇا ھيءَ سنڌ منڊي آھي؟
جت بازار لُنڊي جي بوٽن کان،
سياسي لوٽن جو اگه سَستو آھي،
ڇا ھيءَ سنڌ منڊي آھي؟
جت ھر چيز ھَڪي آهي،
ڪِريل اگه تي ڪامورا،
صُوفي، سنت سڳورا،
پيٽ بُکي جا پُوڄاري،
سڀ شاعر بازاري،
ٿي سرڪار سڳوريءَ جي،
دعوت تي درٻاري،
پنھنجو مُلھُ چُڪائن ٿا،
ڇا ھيءَ سنڌ منڊي آھي؟
جت ڌرم پٽاٽي دال جيان،
نيلام منڊيءَ جي مال جيان،
روز رديءَ ۾ وِڪبو آھي،
ڇا ھيءَ سنڌ منڊي آھي؟
جت سير اٽي جي تي،
ايمان وڪامن ٿا،
ربُ وڪامي ٿو،
ڀڳوان وڪامن ٿا،
ڇا ھيءَ سنڌ مَنڊي آھي؟
جت ڪُرسيءَ ڪارڻ ڪيئي،
ذھن ضمير وڪامن ٿا،
مُرشد، پير وڪامن ٿا،
ڇا ھيءَ سنڌ-مَنڊي آھي؟
جت زرد صحافت جي ذريعي،
صحافي سون ڪمائن ٿا،
۽ ھر حاڪم جي اڳيان،
پنھنجو سيسُ نمائن ٿا،
ڇا ھيءَ سنڌ مَنڊي آھي؟
جت پيدا ڪن ٿا پير- وڏيرا،
راشي رشوت خور سوين،
چمچا چُغلخور سوين،
ڇا ھيءَ سنڌ-مَنڊي آھي؟
جت سياسي شودا آھن،
خچر، گهوڙا، کودا آھن،
ليڪن اڻلڀ دودا آھن،
ڇا ھيءَ سنڌ مَنڊي آھي؟
جت ڏات وڪامي ڏوڪڙ تي،
۽ رات وڪامي روڪڙ تي،
ڇا ھيءَ سنڌ - مَنڊي آھي؟
جت پيار وڪامي پئسن تي،
۽ راڄ ڪري ٿو رئيسن تي،
ووٽ ڏئي ويساھُ اڃان،
ڇا ھيءَ سنڌ - مَنڊي آھي؟
جت ٺيڪن تي ٿا ٺاھ ٿين،
۽ وڪرو ڪي ويساھ ٿين،
ڇا ھيءَ سنڌ - مَنڊي آھي؟-
جت درٻاري دانشور سمورا،
پنھنجا نڪ نمورين جھڙا،
لُوسڻ جيئن لُڻائن ٿا،
۽ نقد اُجوري عيوض،
اغيارن کي اوڪي،
سڀئي راز سُڻائن ٿا،
ڇا ھيءَ سنڌ - مَنڊي آھي؟-
جت جنس ڪَسيءَ وانگر،
انساني احساس وڪامن ٿا،
۽ واھُوندي جھڙا،
وشواس وڪامن ٿا،
ڇا ھيءَ سنڌ- مَنڊي آھي؟-
جت نظريا نيلام ٿين ٿا،
آدرشي عزمن وارا،
۽ ھاڻ سمورا ٿي ويا،
ڀاڙي بزمن وارا،
ڇا ھيءَ سنڌ- مَنڊي آھي؟-
جت سياسي سوداگر،
دولت خاطر ديس ڏين ٿا،
وچن وني ۽ ويس ڏين ٿا.
ڇا ھيءَ سنڌ منڊي آھي؟
جت جرڳن جي جهنگل ۾،
انصاف وڪامي ٿو،
جت قانون لڳي ٿو،
ڪو ڪمدار وڏيري جو،
جت ٻاليشاھي ٻار جيان،
هڙئي حق حياتيءَ جا،
ٿاڻن تي ٿُڏجن ٿا پيا،
۽ گهاڻن ۾ گُڏجن ٿا پيا.