ھَمرچو
ڏيئاريءَ جو ڏينھن رُسي ويو،
ننڊ رُسي وئي، نيھن رُسي ويو،
مينھوڳيءَ جي مُند سنڀاري،
ھاڻ ھمرچو ڪير جهونگاري؟-
رڻ ڪنڌيءَ تي رُڃ وسي ٿي،
اُس وسي ٿي، اُڃ وسي ٿي،
ڪيڏي ڪاري سُڃ وسي ٿي،
ڪير اُنھي کي دور ڌِڪاري،
ھاڻ ھمرچو ڪير جهومنگاري؟-
مُھراڻي جا مور اُڃايل،
ڍڳيون، گابا، ڍور اُڃايل،
ڪارونجهر جي ڪور اُڃايل،
تن کي پاڻي ڪير پياري،
ھاڻ ھمرچو ڪير جهونگاري؟-
ڍاٽي ماڻھو ڍول اُداسي،
جهليل جن جا جهول اُداسي،
ٻاٻيھي جا ٻول اُداسي،
تڙ تي تاڙو روز تنواري،
ھاڻ ھمرچو ڪير جهونگاري؟-
کارا،ٻاڙا کوھ سُڪي ويا،
ٽِڙيل سارا ٽوھ سُڪي ويا،
ٻنيون ٻارا ٻوھ سُڪي ويا،
ڪير جَڏيءَ جي جُوءِ جِياري،
ھاڻ ھمرچو ڪير جهونگاري؟-
ھيل ڀٽون ھِي ڀاڻا بڻيون،
ٿوھر بڻيون ٿاڻا بڻيون،
مُرڪون مِھڻا ماڻا بڻيون.
ڪير ڪَنٺي جا سور سُمھاري،
ھاڻ ھمرچو ڪير جهونگاري؟-
ڏُڪر ڪيا ڏس ڏھر سُڃا ھِن،
ڳوٺ اڪيلا شھر سُڃا ھِن،
پاڻياريءَ جا پھر سُڃا ھِن،
ڪير پِيا جو پار نھاري،
ھاڻ ھمرچو ڪير جهونگاري؟-
روھيڙي جا رنگ پياسا،
چَپَ پياسا، چنگ پياسا،
احساسن جا انگ پياسا،
ساجن موٽي شال دُواري،
ھاڻ ھمرچو ڪير جهونگاري؟-
ھيل ونگي جو وارو ڪونھي،
مال مَري ٿو چارو ڪونھي،
وريو ڪو وسڪارو ڪونھي،
ڪير اسان تان ڪال اُتاري،
ھاڻ ھمرچو ڪير جهونگاري؟-
ھيل ڪَنٺو ۽ ڍٽ وِساڻو،
پاري- ننگر پٽ وِساڻو،
موکيءَ جو ھر مٽ وِساڻو،
ڪير متارن مَڌُ پياري،
ھاڻ ھمرچو ڪير جهونگاري؟-
ڪجلاسر ۽ ڪارونجهر تي،
ڀونءِ ڀلاري ڀوڏيسر تي،
روپا! تنھنجي ريٽي ٿر تي،
شال ڪڪر ڪو پاڻ پڌاري،
ھاڻ ھمرچو ڪير جهونگاري؟-