ڪَٿا ديسَ دردن وَندي جي
نِڱا نکٽَ، تارا نہ ٽيڙو،
ڪَيا ويسَ آڪاس گيڙو،
ٽَھُوڪا نڪي مورَ کيڙو،
رُڳي چَئو ڏسا ماٺ ڇانيل،
ڪٿي ڪو بہ گهنگهرو نہ پايل،
ڏُکن ۾ سڄو ڏيھ گهايل،
ٿَڪل قافلا ٿر لَڪن ۾،
جَلن ڳوٺ جهولن، جهڪن ۾،
نہ ڦُليا ڦُٽا ڪِن اَڪن ۾،
نہ ميٺاج ٿوھر مَنڌيءَ ۾،
نڪو ٻانوِري ڪِٿ ڪَنڌيءَ ۾،
نہ پاڻي آواڙي، نَديءَ ۾،
سمورا سُڪا کوھَ ٿر ۾ ،
نہ ٽِڙيا ڪٿي ٽوھَ ٿر ۾،
ڍِنڍڻَ ريءَ ٻُٽا ٻوھَ ٿر ۾،
زماني وٽان ٿر سدائين،
پِني رٻَ اُڌاري پيئي ڇو؟
ٻِينَ جي سَھاري جيئي ڇو؟
نٿو سوجهرو ڪو ٿيئي ڇو؟
ننگي رات جو بدن ميرو،
وُٺي کان سوا وطن ميرو،
زمين آسمان چَمن ميرو،
نڪو چنڊ سان چلولايون،
نہ ئي ڪنھن نگاھُون مِلايون،
خُوشيءَ کان کِلي موڪلايون،
ڪري ماتمي ويسَ ڪارا،
کَٿيرين سندا کيسَ ڪارا،
پُڇن ٿا پَپيھا پُڪاري،
ڪٿي سي ڪَجليا ھَمرچا؟
نڪو چاھتون، آرَ، چرڇا،
ھتي جون اُداسي ھوائون،
پيون ڪن ٿيون ڏس پُڇائون،
اڃان ڇو نہ آيون گهٽائون؟
اسان جي اَڱڻ ڇانورا ٿي،
ڪَڪر بي وفا بانورا ٿي،
نہ تو بن سري سانورا ٿي،
گهڙي کن گهٽا ٿي گهلين ھا،
اسان جي بہ ڀاڻين ڀُلين ھا،
نہ تو ريءَ سُتا نيڻ ٿر جا،
نہ سپنا ٿيا سيڻ ٿر جا،
رڳي راھ تنھنجي تَڪيندي،
اُجهاڻا ڏيئا من اندر جا،
سُتا گهنڊ گِرجا، مندر جا،
نڪو ڀوڻَ چيڪاٽَ ٿر ۾ ،
ڪٿي ڀي وَنگي ڍاٽَ ٿر ۾،
نہ تڙ تي ڪيون ڪنھن تنوارون،
نہ ڪُونجن سنديون ڪي قطارون،
اُڃا نيڻ اُڀَ ۾ نِھارون،
اڙي ميگه! بَرسين نٿو ڇو؟
ھِتي ھيل تَرسين نٿو ڇو؟
ڇَڄن ۾ نہ اَنُ ڪا ڇَنڊي ٿي،
نہ ئي جنڊُ جيڏي مَنڊي ٿي،
ڪٿي وانڍِ ڏسجي نہ ڍاڻي،
سُڃيءَ سيمَ جي سُڻ ڪھاڻي،
رھيو گُل نڪا رات-راڻي،
نہ ھيرَڻ، نہ ھُرٻو، نہ مَرئو،
نہ پيروُن پَڪو ھيل پَر ڪو،
ڪيا قحط ساليءَ تہ ھاڃا،
ٿيو ٿر رتو ڇاڻ راڱا،
ڪري ڪيترا ٿاڪَ خالي،
وسي ٿي جتي ماڪَ خالي،
اُتي جي اٿئو ھر بَندي جي،
ڪٿا ديسَ دردن وَندي جي.