آڳُرَ تنھنجي ايندا رستا،
ٿانيڪا سَي ٿيندا رستا.
نينھنَ-ننگر مان نِکڙڻ کانپو،
ويرانيءَ ڏي ويندا رستا.
اڻ ڄاڻُ مُسافر کي ڪھڙيءَ،
ننگريءَ ڏي ھِي نيندا رستا.
ياد-ننگر جا يارو! آھن،
ڏات اسان کي ڏيندا رستا.
اوجاڳا ۽ اوسيئڙا ھِن،
اکڙين کي ارپيندا رستا.
ھي ڪتاب امر ساھڙ جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو آهي. ايوب کوسو لکي ٿو: ”امر ساھڙ جي سندس محبوب جي مُرڪ جھڙي شاعريءَ کي پڙهڻ کان پوءِ آئون دعوي سان چوان ٿو تہ امر ساھڙ سنڌ جي نئين ٽھيءَ جو نہ رڳو نمائندو شاعر آھي، پر اُن سان گڏ اها بہ حقيقت آھي تہ موجودہ وقت ۾ سنڌ جي هن خوبصورت خِطي ٿر ۾ امر ساهڙ هڪ اعلي پايي جي شاعر جو رتبو رکي ٿو. ”اکين ۾ الڪا“ جو عُنوان خود سنڌ جو المياتي عڪاس آهي. سچ بہ اهو آھي تہ سنڌ جي هر اک اُلڪي جي علامت بڻيل آهي ۽ هر دل نئين نسل جي نسل ڪشيءَ جو نوحو بڻيل آهي.“
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو