نواڻ کان نا آشنا ماڻھو
اُن سُڃي شخص کي ڪيئن ٿئي؟
جنھن جي پيرن ۾ جُتي ڪونھي،
جنھن جو اڳڙين کان آجو بدن،
نئين وڳي کان واقف ناهي!
جنھن جي جُوءِ مان اڃا تائين،
سُڃاين جو سج لٿو ئي ناهي،
تنھن ولھي وٽ وقت جي قيمت،
ڪا بہ اهميت ڪانہ ٿي رکي،
جنھن جي پيٽ-اُگهاڻيءَ جي پُٽ کي،
راڄ جي رهزن وڏيري،
پادرن جا هار پارائي،
گڏهه تي چاڙهي گهُمايو هو!
جنھن جي ڌيءَ کي ڌنئوري ڏينھن جو،
جهنگ مان ڪاٺيون، جهوريندي،
ڪنھن ڀوتار جي بوٽ چٽي،
زوريءَ زنا لئہ اغوا ڪيو هو!
جنھن جي جُڳن کان جُهريل جُهڳيءَ ۾،
سُکن جا سورج اچڻ کان،
ائين ٽهندا آهن،
جيئن تتر ڀڳو نئين کان ڀڄندا آهن!
اڻھوند جنھن جي اڱڻ تي،
اُکڙيءَ-ڪھاڙيءَ اچي ٿي،
اُن جي جُوالا-مُکي جوءِ جون،
ٻئي ٻانھون ٻُٽيون آهن،
جنھن رات رٻَ گهُرڻ تان،
پنھنجون پيٽ ڄايون ڪُٽيون آهن!
اُن ونيءَ جي ڪنن مان واليون ڪڍي،
سندس پتيءَ، پيراڻيءَ ڦوڙيءَ ۾،
روحاني پيشوا جي راضپي خاطر،
خليفن کي خدا ڪارڻ ڏنيون آهن!
خوشين کان خصي جنھن جو اڱڻ،
اُميدن جي عيد جھڙي چنڊ کان،
ائين وانجهيل آهي،
جيئن روهيڙي جا رتا گُل،
خُوشبوءَ کان خالي هوندا آهن!
جيڪو جياپي جي جُرم ۾،
هر ٿاڻي تان ٿُڪون ۽ بُجا،
روز اُڳاڙي ٿو، اُجوري ۾،
اُن جي جُوکي جيون مان،
جُگنوءَ جھڙا جوانيءَ جا پل،
ڀوترين جيئن، ڀڙڪو ڏيئي،
اُڏامي ويندا آهن،
۽ کيس خواهشُن جي کڻت ۾،
روز روڪڙي عذاب جون،
پُٺارڪون پلئہ پونديون آهن!
اُنھيءَ روڳيءَ جا رُڳو،
درد ئي دائمي دوست آهن!
جنھن جي چپن تي، چندن جھڙا،
ڦِڪيءَ مُرڪ جا گُل ڦٽل آهن،
خواب کير-ڌارا جنھن جا،
روز رديءَ ۾ وڪبا آهن،
اُن اڻڄاڻ کي ڪھڙي ڪل،
تہ زندان جهڙيءَ زندگيءَ ۾،
زمان ۽ مڪان جي،
دارالامان مان نڪري،
ڪيئن رات ڏينھن جا چڪر،
سالن جو سفر ڪندا آهن؟
۽ موسمن جون مُسافتون،
ڪروٽ ڪيئن بدلائن ٿيون؟
جن جي جهروڪن جي،
نواڻ کان ناآشنا ماڻھوءَ لئہ،
هيپي نيويئر جا نغما،
ائين ممنوع هوندا آهن،
جيئن حويليءَ جي حق بخشايلن لئہ،
مردن سان مُلاقات ممنوع هوندي آهي!