ڏات نگر
سنڌ ڏات جو ڏيهه آهي ۽ اُن ۾ اڄ سوڌو ڪوبه ڏڪار ناهي آيو. ڏيئي مان ڏيئي ٻرڻ جو سڀاويڪ سلسلو جيئن جو تيئن جاري آهي. هيءَ ڦلواڙي سدا جوان رهي آهي، ان ۾ ڀانت ڀانت گل کڙندا ۽ ٽڙندا رهيا آهن ۽ پنهنجي منفرد ۽ روح کي راحت ڏيندڙ سڳنڌ آڇيندا رهيا آهن. اهڙن گلن مان هڪ گل اياز امر شيخ به آهي، جيڪو لاڙ جي جهنجهيل ٽاريءَ تي نمايان انداز ۾ ٽڙيو آهي. لاڙ هونءَ به هِن ڏات نگر جو اهم ڀاڱو رهيو آهي، جتي اهڙا ڪوي پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن تي سنڌ کي وڏائي آهي، حاجي احمد ملاح، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي، مريم مجيدي، ارشاد ساگر ۽ ٻيا انيڪ نانءَ لاڙ جي مُنڊيءَ جا نگينا آهن. اياز امر به پنهنجي ڪٽنب جي پاسي کان توڻي علائقي جي تسلسل جي حوالي کان هڪ نگينو آهي. لاڙ جي انهيءَ شاعراڻي لڙيءَ جي خاص خوبي ٻوليءَ جو حسن آهي. شاعريءَ ۾ موسيقي، لفظي سونهن، صوتي ميلاپ ۽ تڪرار، اهڙا گُر آهن، جيڪي لاڙ جي شاعريءَ جو گوناگون حصو رهيا آهن. تجنيس جي شاعراڻي ترڪيب جي جيئن انهيءَ علائقي ۾ آبياري ٿي آهي، تيئن ٻين علائقن ۾ گهٽ ئي ڏسڻ ۾ ايندي. حاجي احمد ملاح، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي ۽ محمد خان مجيدي انهيءَ ڏس ۾ گهڻا اهم نالا آهن. اياز امر شيخ نئين زماني جو شاعر آهي، پر هُن لاڙ جي انهيءَ روايت کي نه رڳو پنهنجايو آهي، پر ان ۾ پنهنجي حصي جو يوگدان به ڏنو آهي. سندس شاعري تجنيس حرفي توڻي تجنيس ٻين قسمن سان ٽمٽار ڏٺي ويندي. انهيءَ ٻوليءَ جي هنر کي اياز امر پنهنجي ديس جي درد سان ڳنڍيو آهي. اهڙيءَ ريت، هن سرويچ سجاوليءَ، ابراهيم منشيءَ ۽ محمد خان مجيديءَ جي ڇڏيل ڪم کي اڳتي وڌايو آهي. اهي نامور شاعر به رڳو ٻوليءَ جا بادشاهه نه هئا، پر وطن جي حب سان پوريءَ طرح سرشار هئا. سندن شاعري ڏيهه جي سورن دردن توڻي ساڻيهه سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ارهه زوراين جو پيرائتو ۽ سربستو احوال پاڻ سموهي ٿي. اياز امر جي شاعري به اُن ئي رند تي پنڌ ڪندي اڳتي وڌي آهي. ان حساب سان اهو چئبو ته هُو اهڙو شاعر آهي، جنهن لاڙ جي مخصوص شاعراڻي لهجي ۾ پنهنجي ديس جي دردن ۽ سورن کي ترجيحي انداز ۾ سموهيو ۽ پرويو آهي. اياز امر نئين زماني جو شاعر آهي، تنهنڪري انهن ٻن خصوصيتن سان گڏ، سندس شاعراڻي لهجي ۾ جديد شاعريءَ جو اولڙو به ملي ٿو. لاڙ جي شاعراڻي ورثي سان گڏ، هُن سنڌ جي شاعريءَ جي مجموعي لاڙن تي به نظر رکي آهي، انهن کي پنهنجايو آهي، اِها اياز امر جي شاعريءَ جي اضافي خوبي آهي. ديس جي دانهن کي ورنائڻ، وقت جي پڪار کي موٽ ڏيڻ، ڏيهه واسين جي سورن کي سمجهڻ، ڪنهن نئين صبح جي آرزو رکڻ، ڪنهن وطن دوست تبديليءَ جي اميد رکڻ، سندس شاعريءَ جا خاص پاسا آهن، توڻي جو اياز امر شاعريءَ جي رومانوي پاسن به ڇهيو ۽ پاڻ موکيو آهي، پر وطن سندس شاعريءَ جو مرڪز آهي. هن اسان کي نثري توڻي پابند شاعريءَ جا ڪيترائي ڪتاب ڏنا آهن، جيڪي پنهنجي جادو بياني، جذبي جي اجهل، رواني توڻي جاذبيت سان گڏ هڪ سگهارو نياپو به اسان تائين رسائڻ ۾ سوڀارا ٿين ٿا. منهنجي خواهش آهي ته هو ايئن پنهنجيءَ اسلوبياتي حسن ۽ وطن دوست نياپي سان هن ڏات سفر ۾ سوڀاريون وکون کڻندو رهي.
بخشڻ مهراڻوي
مونکي لاڙ پٽن جي ماڪ ڀنل راتين جي سينڌ ۾ سجاول سدائين ڪنهن جهومر جيئن جرڪندي محسوس ٿي آهي.
سجاول جي مٽيءَ ۾ اهڙو ته الائي ڇا آهي جنهن مجيديءَ کان سرويچ ۽ مريم کان ارشاد تائين جهڙا ساهه ۾ سانڍڻ جهڙا شاعر پيدا ڪيا آهن. بس ڳالهه صرف اتي ئي ڇيهه ناهي ڪيو هن شهر سنڌي شاعري جو هڪ دادلو شاعر اياز امر شيخ پڻ اسان کي ڏنو آهي.
سندس شمار سنڌ جي انهن تمام ٿورڙن شاعرن ۾ آهي جن جي شاعري پڙهندڙ جي سڌو سنئون دل تائين پهچي ٿي.
سندس هن ڇهين خوبصورت ڪتاب ڇپجڻ تي منهنجي طرفان کيس کوڙ ساريون محبتون قبول هجن.
ڪوي (جهمپير)