آئون تو مان ڪا ندي ٿي وهڻ ٿو چاهيان...
مون توکي پاڻ مان ٻاهر ڪڍيو ئي ڪٿي آهي
پر ان ڳالھه جي ڳنڍ جي سڳي ۾ سوڙهو ٿي پوندو آهيان
ته تون پوپٽن جي پرن جھڙي نفيس نينگري
مون اُس جھڙي انسان ۾ رهي سگهندينءَ!؟
تون جيڪا بدن جي بناوٽ ۾ به وادين جھڙا وهڪرا ٿي رکين
سا مون ٿوهر جھڙي ماڻھو ۾ ٿڪ ڀڃي سگهندينءَ
آئون جيڪو ڌُٻڻ جي دؤر ۾ ايترو ته دَٻجي ويو آهيان
جو منھنجي کوٽائيءَ لاءِ به
موهن جي دڙي کان اڳ واري تاريخ کي اُٿلائڻو پوندو
۽ رني ڪوٽ جي رڙين مان
منھنجي سچ جي صبح کي ڳولھڻو پوندو
آئون جيڪو پنھنجا تير پاڻ تي ئي تاڻي جيءَ رهيو آهيان
منھنجي جنگ ۾ ڪو به مونسان گڏ ناهي
مون جڏهن به آسمان جي تارن کي هٿ ڏئي جھلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
ته دُنيا پنھنجي گولائيءَ مان ٻاهر نڪري
سج ۽ چنڊ جي توازن کي تورڻ لڳندي آهي
آئون ڪو شمسي نظام جو ڄاڻو ته ناهيان
۽ نه ئي وري ڪو اهڙو نجمومي
جيڪو اڳ ڪٿيءَ جي اکين سان آئيندا پڙهي وٺي
پر ايترو ضرور ڄاڻان ٿو ته
سمنڊ جڏهن به منھنجا سڏ ٻُڌندو آهي
ته لھرن ۾ هڪ ڊگهي لوڇ جاڳي پوندي آهي
۽ سپيون ڪنارن تي ڪنڌ رکي وڏا ساهه کڻڻ لڳنديون آهن
مون جڏهن به پنھنجي ماضيءَ جي
خوابن کي وڪڻڻ جي ڳالھه ڪئي آهي
ته منھنجون رولاڪيون مونکي رڻ ۾ اڪيلو ڇڏي ويون آهن
آئون جيڪو هاڻ درياهه تي به وڃڻ جھڙو ناهيان رهيو
ڇو ته مون ۾ ٻيلا ٻاڪاري رهيا آهن.
۽ وڍيل وڻن جا ڪنڊا ڀڄي پيا آهن
پر پوءِ به آئون ڪو گهاٽو جهنگ ٿي جيئڻ نٿو چاهيان
تون مون مان ڪو اهڙو گس گهڙي وڃ
۽ ڪا اهڙي پوک پوکي وڃ
جنھن سان آئون ٻيھر ڦُٽي ٻاهر نڪري اچان
تون جيڪا پکين جي اکين جھڙي آهين
آئون تو ۾ پر کولي اُڏرڻ ٿو چاهيان
۽ تنھنجي جسم جي جاگرافيءَ کي نئين سر ڄاڻڻ جي لاءِ
آئون تو مان ڪا ندي ٿي وهڻ ٿو چاهيان...