ڪولھياڻي
تيز ڪاڙهي ۾ ڪولهياڻي
سنگ ٻاجهر جا سٽي ٿي
سال گُذريا سَر وڍيندي
ويٺي نوڙيون ئي وٽي ٿي
هن جي خوابن ۾ نه کيڙا
مور هن جا سڀ مُئل هن
وقت ٿيو واسينگ آهي
دؤر هن جا سڀ مُئل هن
هن جي چونئري جي مٿان اڄ
چنڊ چوڪيدار آ
ورهين گُذريا ور سندس
سلھه جو بيمار آ
هيءَ جبل جيڏي جوانيءَ
۾ رُلي ٿي رات ڀر
ڀاڳ ڀي ڄڻ ڪو بڊي جو
ٿي ويو آهي ڪڪر
سج هن مان روز سھڪي
ٿڪ ڀڃي ٿو سمنڊ ۾
هيءَ ٻانھياري ٻُڪ سان
ان وجهي ٿي جنڊ ۾
پيڙهجن ٿا پھر ڪيئي
سوچ جي سوڙهي گهٽيءَ ۾
ڄڻ ڇنڊيو ڇاڻيو رکي پئي
ڏينھن پنھنجا ڪنھن ڏلھيءَ ۾
سوڙ جھڙا سيءَ گُذاريو
پئي لُڇي لڱ جي رليءَ ۾
کيت هن جا ڪنھن نه کيڙيا
اڄ ڏُڪر جا ڏينھن آهن
ماٺ مندر ۾ اڪيلي
۽ پٿر جا ڏينھن آهن
پر زمانو ضد جي
ڪا تکي تلوار آ
جسم ۾ جھاتيون وجهي ٿو
ٿيو وڏي يلغار آ
هيءَ هسيءَ جي حُسن سان
ڪونج جھڙي ڪولھياڻي
ڄڻ خُدا ڀي ويو تڪڙ ۾
آ لکي ان جي ڪھاڻي
روز ڦُلڙيون ٿيو ڇڻي ٿي
ها اُداسين جي اَڪن ۾
سانجهه ساڻي ٿي سُتي آ
اڄ به ٿوهر جي ٿڪن ۾
پر نه ڄانڀي جان ڦُلھاري
پوهه جا پارا اٿس
اُڀ پنھنجي ۾ رهي ٿي
گڏ نه پر تارا اٿس
پئي اڃان پيرين اُگهاڙي
کوهه تان پاڻي ڀري ٿي
ڏس ٽُٽل گج جي ٽڪن سان
پوءِ به ڪيڏو پئي ٻري ٿي
اڄ رئي کي رنگ ۾
ڪونه آ ٻوڙي سگهي
پر پُراڻي ئي پَڙي کي
پئي سبي ٿي سُئيءَ سان
ڏاج ۾ جيڪي مليو
جانڪيو رکي پئي جيءَ سان
هيءَ وني ور لئه اڃان ڀي
ويڄ ڳوليندي رهي ٿي
ڄڻ سبيل سُک جي سڳي سان
سيڄ ڳوليندي رهي ٿي
اڄ ڏهر ۾ ڏينھن پنھنجا
پيئي ڪاتر جيئن ڪٽي ٿي
تيز ڪاڙهي ۾ ڪولھياڻي
سنگ ٻاجهر جا سٽي ٿي.