سڏ نه پنهنجا سوڙها ٿيندا
پاڻ پُڪارن جھڙا ماڻھو
سڏ نه پنھنجا سوڙها ٿيندا
هينئڙي مان هڻڪارون اُٿنديون
گهايل ڪيئي گهوڙا ٿيندا
ڏيڍيءَ اڳيان ڏينھن ڏکي پيو
ڪاتب ويٺو ليک لکي ٿو
جر تي جاڳ جوانيءَ جھڙي
ٻيڙيءَ مان ڪا ٻانھن سڏي ٿي
پاڻ ڪنڌيءَ جا آهيون قصا
درياهه جي ڄڻ دانھن سڏي ٿي
ڇولي ٻولي پنھنجي آهي
پر هيءَ گولي ڪنھن جي آهي
ٻنيون ونيون وڪجن ٿيون اڄ
رتڙيا ڪھڙي رُت رُلي ويا
ڪيڏا هاڃا هُل هُليل هن
پوءِ ڀي ڳالھين ڳاٽ وڍيل هن
ڪيسين ماڻھو ٻوڙا ٿيندا!؟
پاڻ پُڪارن جھڙا ماڻھو
سڏ نه پنھنجا سوڙها ٿيندا...
ڳوهي پنھنجو پاڻ کي ٻيھر
مٽيءَ کي اڄ مان ڏيون ڪو
ڌرتيءَ جا جو دنگ ورائي
اهڙو ئي انسان ڏيون ڪو
مون ۾ هڪڙي جنگ متل آ
خنجر سيني منجهه کُتل آ
ساموئيءَ جي سانجهه منجهان
تاريخن جا تھه تپن ٿا
ورقن وانگي واريا وياسين
ڪردارن جا ڪنڌ وڍي پو
ٻيلن وانگي ٻاريا وياسين
سالن کان هي سور سٽي ٿو
پنھنجي پويان بڇ به ٿيندي
بازان جا بُکيا ڪُتا
پنھنجي پويان ڀونڪڻ ايندا
پنھنجي لوئي لڄ به ويندي
پنھنجا لتاڙيا لوڙها ويندا
ڳل ڀڄي ٻئي ڳوڙها ٿيندا
پوءِ ڀي ماڻھو ٻوڙا ٿيندا..!!؟؟
پاڻ پُڪارن جھڙا ماڻھو
سڏ نه پنھنجا سوڙها ٿيندا
پٿر کي پاڻيءَ ۾ پوکي
پنھنجا وڻ وڄايون ويٺا
ڏند ڪٿائن جون ڀاشائون
ڳايو ٻيھر ڳايون ويٺا
ڪھڙا ويھي گوندر گهوريون
پنھنجا ڦيرا پاڻ ۾ ڦيريون
پنھنجي لڱ جا لاٽون بڻجي
ويڙهيو ويٺا آهيون ڏوريون
هيل هوائون تيز گُهليون هن
گهرن جا ڇاڄا به ڇڄن ٿا
طوفانن ۾ تک وڏي آ
ڏڪندڙ وڻ مان ڏار ٽُٽن ٿا
دل جو هڪڙو دؤر سڙي ٿو
تنھن مان رَک اُڏاڻي آهي
سالن کان پو سُھڻي ڇوري
پاڙي ۾ ساماڻي آهي
ڪونه سُمھن ٿا گهر جا ڀاتي
روز وڍي ٿي تکڙي ڪاتي
ڪاهه وڏي ڪا ٿيئڻي آهي
نڪ مان نٿ به لھڻي آهي
پوءِ ڀي سوچي ساهه کڻن ٿا
اهڙا ماڻھو ڇو ته جيئن ٿا!؟
پنھنجا حق وٺڻ جي لاءِ
ڏاڍ جا ڏونگر ڏارڻ لاءِ
ڪڏهن اُٿي خود ڀيڙا ٿيندا !!!؟؟؟
پاڻ پُڪارن جھڙا ماڻھو
سڏ نه پنھنجا سوڙها ٿيندا.