نئين صبح جي تاريخ
اچ ته پاڻ نئين صبح جي تاريخ لکون
تون پکين جي اکين جا وهي اوجاڳا ڳڻ
آئون سمنڊ جي سيني کي ماپي ٿو اچان
تون ٻارن جي ٻاتي ٻوليءَ مان لُغت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪر
آئون رڻ ۾ مارجي ويل مُسافرن جي کُليل اکين تي هٿ رکي ٿو اچان
تون بارش ۾ ڊهي ويل گهرن جون خبرون هٿ ڪر
آئون ميوزم ۾ سجايل مورتين جا فوٽو ڪڍي ٿو اچان
تون وڪامندڙ ضميرن تي لکيل ڪتابن جو مطالعو ڪري وٺ
آئون سڀني انسانن کي ٻيھر آدم جي احساس ۾ لاهي هڪ ئي مٽيءَ ۾ ڳوهي ٿو اچان
تون ڌرتيءَ جي ڌُن تي ڪو لوڪ گيت لکي وٺ
آئون ڏياچ جي ڏيھه مان ڪو چٽو چنگ جھڙو سُر سکي ٿو اچان
جي اڃان به تو وٽ ڪجهه وقت آهي ته
تون ڀلي موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪر
۽ سنڌ جي وڃايل آثارن جون اکيون ڳولي پنھنجي ڳالھين جي ڳنڍ ۾ ٻڌي کڻي اچ
آئون به اروڙ جا سمورا سڏ هوائن جي هٿن سان ميڙي کڻي ٿو اچان
تيسين تون پاڻ کي سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ پُسائي سمورا تڙ گهمي اچ
۽ آئون به ڪنھن سُهڻيءَ جي ڪڇ کي
ڪو پيار جو پڪو گهڙو ڏئي ٿو اچان
تون پنھنجي ننڊ کي نديءَ ۾ اُڇلائي ڇڏ
آئون به پنھنجي خوابن جا ڊگها ٽار ڇانگي ٿو ڇڏيان
تون خودڪش بمبار هٿان بيگُناهه مارجي ويل ماڻھن جي جسمن جا ٽُڪرا هينئين جي هڙ ۾ ميڙي رک
آئون رت سان ڀريل ڪالھوڪي ڏينھن کي وهنجاري ٿو اچان
تون زمين ۽ آسمان جي فاصلي کي ڇاڙڪين سان ماپي وٺ
آئون سج ۽ چنڊ کان ڄمڻ جي تاريخ پُڇي ٿو اچان
تون معصوم پنندڙ نياڻين جي جهولين ۾ گُلاب ڀري مسيحائن جي هٿن ۾ ڪٽورا ڏئي اچ
آئون به ڪائنات جي ڪُنڊن مان خُدا کي ڳولڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان
تون ماڻھن جي خيالن مان خنجر کسڻ جي ڪوشش ڪر
آئون محبت جي مذهب جا پرچا شھرن ۾ ورهائي ٿو اچان
تون ڀلي ٻرندڙ ڏيئن جي مصوريءَ کي دل جي ديوارن تي لڳائي ڇڏ
پر اُنھن چٻرن تي ڪڏهن به نه سوچ
جيڪي پنھنجي روح ۾ هڪ ڊگهي رات وڇايو ويٺا آهن
ڇو ته پاڻ کي صرف روشنيءَ جو ئي لباس سبڻو آهي
۽ نئين صبح جي تاريخ کي به خوشبوءَ جي رنگن سان ئي لکڻو آهي..