ڌڙ بنا ئي ديس
سر وڍيل هر صبح پنھنجو
ڌڙ بنا ئي ديس لڳي ٿو
سينا سواء هي جيءَ جو جوڳي
گيڙو پاتل ويس لڳي ٿو
واڍوڙيل ڪا ويل وري ٿي
ٻاڪاريندي ٻھل ٻري ٿي
جڳ هڪ جهوپي منجهه جلي ٿو
ڪُجهه نه پنھنجو پاڻ سلي ٿو
ماضيءَ جا هٿ مھنديءَ هاڻا
ڄڻ ته گهٽا ۾ گهوڙا اُڏاڻا
حال اسان تي هاڻ کلي ٿو
سورن ڀريل سال کلي ٿو
ڪارائيءَ جيان ڪرٽ وڍي پئي
سڪ سنڌو ۽ سُرت ڪڍي پئي
دل جا دوڳ دُکيل هن اڄ ڀي
ڪُجهه ته نغاري وانگي وڄ ڀي
جهاڳيندي هر جاڳ جهلا ٿيون
پنھنجي دنگ جا پاڻ ڪلا ٿيون
خاموشين جا کيٽ اُجاڙي
ڇو نه اُٿي اڄ پاڻ کڙا ٿيون
چارن واري چيٽي رُت ۾
چانڊوڪين جا چنڊ چڙا ٿيون
پنھنجي مُند جا ميوا ماڻي
پنھنجي مينھن جا پاڻ ڳڙا ٿيون
ديوارن جو دؤر چوي ٿو
پنھنجي در جا پاڻ ڪڙا ٿيون
ڍٽ ۾ هڪڙي ڊيل مري وئي
وقت نه وريو ويل مري وئي
هاڃن هيڏو هانءُ پٽيو آ
محبت موريل هيل مري وئي
پيار جا پوپٽ پار ڪڍن ٿا
خوشبوءِ جو ٿيو خون وطن آ
واپارين جا مُلھه مھانگا
بازارن لئه ڀاڳ ڪفن آ
ٽاڪوڙن سان ٽار ٽُٽن ٿا
ڳانن ڳالھيون هار ٽُٽن ٿا
هڪڙي باهه وڪوڙيو آهي
سارو ساهه وڪوڙيو آهي
پاڻ ڌُٻڻ ۾ ڌڪيل ماڻھو
سستي اگهه تي وڪيل ماڻھو
مٽيءَ جو ڇا مان سُڃاڻو
پنھنجي لاءِ سڀ ڪُجهه ناڻو
هيلوڪو هي نسل به ننڊ ۾
گهاٽي واڌي سڀ وڪاڻو
غيرت کي ڪو گهيڙ نه آهي
ڌرتيءَ جا دنگ ڌوئڻ لاءِ
ورهين گُذريا ويڙهه نه آهي
تاريخن جي تن تي اوڍيل
ڪوئي پُراڻو کيس لڳي ٿو
سر وڍيل هر صبح پنھنجو
ڌڙ بنا ئي ديس لڳي ٿو.