ماضيءَ جو ميوزم
تو جڏهن کان منھنجي ڳالھين تان
کلون لاهڻ شروع ڪيون آهن
آئون تڏهن کان ڇلجي ڇوڏا ٿي پيو آهيان
مون جڏهن به تو ۾ پناهه وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
ته تنھنجي روين مان
خاردار تارون ظاهر ٿيڻ لڳيون آهن
۽ آئون ڪنھن مُلڪ جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ باغيءَ جيان
پاڻ ۾ ئي مارجي ويو آهيان
اڄ پنھنجي مُحبت جي مزار تي
تنھنجي نالي جي تختي به ڪيئن لڳايان!؟
تون جيڪا مون اڳيان
لاتعلقيءَ جو خط کولي هلي وئي آهين
آئون لھجن جا لفظ پڙهي
هڪ ڊگهي حادثي ۾ هليو ويو آهيان
بي ترتيبيون مونکي ماڻڻ لاءِ ميڙ ڪريو بيٺيون آهن
۽ اُداسين جا اُٺ
مون مان چاهه جو چندن چري ويا آهن
تو جيڪي به ڏيئا مون ۾ ٻاريا هئا
سي سڀ وسامي چُڪا آهن
اڄ تون مون مان ڪو به وهڪرو ٿي وهڻ نٿي چاهين
۽ آئون به تو ۾ ڪو صحرا ٿي سُڪڻ نٿو چاهيان
تون ڀلي مون مان پنھنجي حصي جا خواب چونڊي کڻي وڃ
ته جيئن آئون به ڪجهه هلڪو ٿي پوان
۽ مونکي به اُهي سمورا منھنجا ٽھڪ
ڳالھين جي ڳوٿري ۾ وجهي واپس ڏئي وڃ
جيڪي تنھنجي ڳلن جي ڳوٺ جا سمورا گس ڄاڻن ٿا
مونکي خوف آهي ته
متان اهي تنھنجي بستري جي گهنجن ۾ گهٽجي نه پون
تون ڀلي پنھنجا دنگ دُنيا جي ڇيڙي تائين ڇڪي وڃ
پر آئون پنھنجي ماضيءَ کي ميوزم ۾ رکڻ ٿو چاهيان
۽ تون جڏهن به پاڻ ۾ ويڙهجي واپس موٽي ايندينءَ
ته آئون توکي ماضيءَ جي ميوزم ۾ ئي زندهه ملندس...