اُميد جي اک
هڪ عورت پنهنجي پهرين رات وڪڻي
باقي راتين تي سوچي رهي آهي
بک جھوليءَ ۾ کڻڻ کان وڌي وڏي ٿي پئي آ
اُگهاڙپ پنهنجو مذهب حوس جي هٿن تي قبولي ورتو آ
ماڻهو مانيءَ جي اٽي جيترن پئسن تي وڪرو ٿا ٿين
خلقڻ وقت به حصي ۾ ڏنل پيڙاھ جيڏي پريشاني؟!!!
سخاوت جي احساس اڳيان اُميد جي اک آلي ٿي پئي آهي
وقت پنهنجون وضاحتون وڪرو ڪري ڇڏيون آهن
۽ آئون تنهنجي موجودگيءَ تي منجهي پيو آهيان !!!
تنهنجي ئي خلقيل خلق کوٽ ۾ ڇو؟
طبقن ۾ ورهايل ماڻهن کي ڪنهن تفرقي ۾ وڌو آهي؟!!!
آئون ان خوف مان ماڻهن کي کوٽي ٻاهر ڪڍڻ ٿو چاهيان
مفت جي مشوري ۾ ٻڏل ماڻهو
آفيم جي نشي کان به وڌيڪ عادي ٿي چڪا آهن
آئون پنهنجا انڌا خواب کڻي ٿڪجي پيو آهيان
وقت جي مُنهن تي مُڇن جي ساوڪ
ايندي ۽ ويندي رهي ٿي
انڌ جو گهوڙو بنا لغام جي ڊوڙي رهيو آهي
ڪٿي منهنجون اکيون چيڀاٽجي نه پون!!!
آئون پنهنجي زندگيءَ جي ڪلهي تان بک جي هڙ لاهي
پنهنجن ئي هٿن سان کولي
کائي ڇڏڻ ٿو چاهيان
ڇو ته مون وٽ هاڻ
ڪا به رات وڪرو ڪرڻ جهڙي ناهي بچي.