ڀورو ڀيل
آئون موهن جي مٽيءَ آهيان
مون ۾ ڀورو پوري وڃ تون
مون ۾ ڪو ڀي ڪاڙهو ناهي
مونکي ڪنھن ڀي مذهب جو
ڪونه ڏنل ڪو واڙو آهي
تنھنجي ڀيل ڏسي او ڀورا
مون ۾ ڄڻ ته ڪُٺل ڪا هرڻي
ڦٿڪي ڦٿڪي ساڻي ٿي آ
ساهه گهٽن جي گهيري ۾ آ
وقت وڏي ڪنھن ڦيري ۾ آ
سومناٿ جي مندر تي اڄ
غزنويءَ جي گهوڙن ڊوڙي
ٻيھر ڪڙڪي قھر ڪيو آ
سنڌ اڏيءَ تي سرمد وانگي
سگهه وڃائي سھڪي پئي آ
پر هت مُلان قوي جھڙا
ڪارا ڪئين ڪردار اڃان
ڪُتن وانگر نيش ڪڍي
ماس پٽين پيا ماڻھن جو
تن جي واڇن مان ڏس اڄ ڀي
ڇتي واري گگ ڳڙي پئي
هر دراوڙ جي در سان
وحشت سان ڪا لھر لڙي پئي
اڄ ڏس خوني چنبن سان هو
کوٽي مٽيءَ مان لاش ڪڍن ٿا
ڄڻ ته خُدا جي خيال کان زوري
روهڙي ڪو آڪاش وٺن ٿا
اُس جون اکيون اڄ به اُگهاڙيون
ڌرتيءَ منجهه کُپيل ئي آهن
دين ڌرم جي هن دُنيا مان
ويڙهه اڃان ڪٿ آهي وسامي
پر تو ماٺارن کي ماري
شاهه عنايت جي ڌڙ وانگي
تڙپي نئين تاريخ لکي آ
ڄڻ ته بلاول جي گهاڻي مان
پيڙهجي ڪائي چيخ اُٿي آ
تپي تنبورا سڀ اُٿيا هن
ڄڻ ڪيڏاري ڪنڌ کنيو آ
ڀوري کي ڀاڪُر ۾ ڀرڻ لئه
پاڻ ڀٽائي پنڌ ڪيو آ
ڀل مان دهريو ڪافر سڏجان
منھنجي ڀي هڪ ڳالھه ته مڃ تون
مون ۾ ڀورو پوري وڃ تون...