پُراڻو پياڪ
پُراڻي پياڪ جي اک ۾
خُمارن جي خُدائي آ
مٽن مان مَڌ پيا ڇُلڪن
اڃا سُرڪي سوائي آ
دلين جي ڌرم شالا ۾
مُحبت گهنڊ جيان گونجي
ورهين کان ئي وڳي آهي
تقدس تنھنجي جوڀن جو
جيڻ لئه جاڳ ٿي پيو آ
دريءَ جي روز دُنيا مان
نگاهون نينھن ڳولين ٿيون
شھر جي شور ۾ اڪثر
نه سُڻيو سڏ ويندو آ
هجومن ۾ تنھائين کي
نه سمجهي ڪو به سگهندو آ
تراشي ڪو نه سگهيس مان
زماني جي ضعيفيءَ کي
زخم جي زهر کي پيئندي
زبانون زرد ٿيون آهن
روئڻ لئه رات ڪافي آ
تڳڻ لئه تات باقي آ
وطن ۾ بيوطن بڻجي
ورهائجي ويا آهيون
نه ڳالھين جون ڳنڍيون کُليون
ڇني ڌاڳا ڪي دورين جا
وڇايل واٽ جي ِوک تي
اوجاڳن جون اکيون آهن
تمنا تاڪ واري ڏس
نھاري ٿي سنجها ٽاڻي
ٻٻر جي ٻور جيان من کي
وڇوڙي آ ڇڏيو ڇاڻي
پُراڻي بڙ جي هيٺان
مُسافر ٿڪ ڀڳو آهي
کڻي ڳالھيون ڪي ڳوٺاڻيون
پرينءَ تائين پُڳو آهي
مگر هر دؤر جي دڳ تي
بيٺي جيئري جُدائي آ
عمر ڍاري پُٺيان ڊوڙي
وهي پنھنجي وڃائي آ
پُراڻي پياڪ جي اک ۾
خُمارن جي خُدائي آ.