سج لھڻ کان پھرين
سج لھڻ کان پھرين
مون کي هڪ ڏيئو ٻارڻو آهي
۽ اُن درياهه تي به وڃڻو آهي
جتي هاڻ ڪا به سُھڻي ساهڙ کي نٿي سڏي
نه ئي وري ڪي پاڻياريون پڙن کي پُسائي
پيار جو پھريون ڌوپ ڌوئڻ ٿيون اچن
جت هاڻ پکين به پنھنجي ننڊ نديءَ ۾ ٻوڙي
چُھنب سان اوجاڳو چُڳي ورتو آهي
مونکي ان مارجي ويل باغيءَ جي
وارثن سان به تعزيت ڪرڻي آهي
جنھن جي زال تازو هڪ ٻار ڄڻيو آهي
کيس ڪن ۾ ديس جو قومي ترانو ٻُڌايو ويو آهي
پاسي کان سندس پيءُ جي بندوق رکي
ڳچيءَ ۾ وصيعت نامون ٻڌو ويو آهي
مونکي موٽي اُن مندر ڏانھن به وڃڻو آهي
جت گهنڊ وڄڻ جو آواز وڃائي ويٺا آهن
۽ مورتيءَ جي ڳچيءَ ۾ پيل
سالن کان گُلن جا هار
سُڪي سوڙها ٿي پيا آهن.
مونکي اُن روڊ تان به گُذرڻو آهي
جنھن مٿان ڪيترائي حادثا ٽڙيا پکڙيا پيا آهن
تون الوداع جو آخري هٿ لوڏي هلي وئي هنيئنءَ
۽ مونکي ماٺ ميڙي
ڏُکن جي ڏينهن ڏانهن اُڇلي ڇڏيو هو
مونکي اُن قيديءَ سان به ملاقات ڪرڻي آهي
جنھن جي محبوبا کي زوري
ڪنھن ٻي سان پرڻايو ويو آهي
پر پوءِ به اُنھيءَ جي آسمان جھڙين اکين ۾
انتظار جو چنڊ اڃان به اُڀرندو رهي ٿو
مونکي اُن ڏينھن سان به ڏک جو اظھار ڪرڻو آهي
جنھن ۾ پوپٽن کي ماريو ويو
۽ گُلن کي به ساڙيو ويو هو
جنھن ۾ حاملا عورتن تي هلان ڪري
سندن اکيون ته ڪڍيون ويون هُيون
پر ڪچن ٻارن کي به ڪرايو ويو هو
مونکي اڌ ۾ ڇڏيل اُهو نظم به پورو ڪرڻو آهي
جيڪو ٽئگور جي هٿن مان ڇڏائجي ويو هو
جنھن جو رڌم جوان نينگرين جي جسم جھڙو آهي
جنھن جي شروعات ته تو جيان شاهڪار آهي
پر پُڄاڻي ڄڻ ته وڃائجي ويل
وطن جي ڳولا جھڙي ٿي لڳي.
مونکي رات ٿيڻ کان پھرين پاڻ سان به ملڻو آهي
۽ سج لھڻ کان اڳ ۾
اُن سمنڊ تي به وڃڻو آهي
جتي تون مون مان ته ٻاهر نڪري هلي وئي هُئينءَ
پر آئون تو ۾ ئي رهجي ويو هُئس...