پاڻ پرين جا پوکيل ماڻھو
پاڻ پرينءَ جا پوکيل ماڻھو
محبت ٻج ۽ ٻارين ۾
نئين سر نسري اچڻا آهيون
نينھن نگر جي نارين ۾
چوٽن واري چيلھه اڳوڻي
گهڙا گھڙن تي ٻيلھه اڳوڻي
واٽن تي ڪو وجهه رُلي ٿو
تاڻ به ڪيڏي تاڻيل آهي
چاهه منجهان ڏس چھچ ڀريل آ
ڪو نه ڪٿان ڪا ڇاڻيل آهي
ڄڻ ته نمن جي هيٺان ويھي
واهوندن ۾ واڻيل آهي
ڇڪيل سارا ڇرڪ رهن ٿا
حرس هوائن ساڻ هلي ٿو
ڀتين مان ڀي ڀُڻڪا اچن ٿا
عشق اُٿيو اُٿلائي پاسا
وقت وکن ۾ آهي وڇايل
وڄي اُٿي ٿي جڏهن به پايل
سڪ سلي جيان ساهه کڻي ٿي
ساوڪ بڻجي سارين ۾
پاڻ پرين جا پوکيل ماڻھو
محبت ٻج ۽ ٻارين ۾
گهاٽي مينھن جي مُند جيان
ڏور ۾ لاٽونءَ ڪُنڊ جيان
ڦيرين سان ٿي ڦيرائي
جيءَ کي جانٺا ڏيئي جڪڙي
سنڌرن سان ٿي سھڪائي
پيار به پورهيئي جھڙو ٿي پيو
لڱ لڱ کي پيو ٿو لوڙائي
جوٽ اچي تون جوڙ ڪري
جيئن گهٽا ٿي گوڙ ڪري
ويڙهي رلين ۾ سڀئي راتيون
سُمھي پئون ٻئي سوڙ ڪري
هاڻ ندي ٿيو نير وهي پئي
سُھڻي ٻوڙيو سير وهي پئي
ساماڻيل هيءَ هاڻ وهي ڀي
روز گوها ٿيو کير وهي پئي
پنھنجين ڳالھين ڳيچ ڄڻيا هن
هڻي هنبوڇيون هاڪارين ۾
پاڻ پرين جا پوکيل ماڻھو
محبت ٻج ۽ ٻارين ۾
تڙڪن جھڙا تنھنجا تجلا
تاريخن جو تاج ٿيا هن
کُنھبن جھڙي خوشبوءِ تو ۾
ڏينھن ڏُڪن جا ڏاج ٿيا هن
تو مان نئي ٿيو نانگ وهي ٿي
مُرلين موهيو آهي من کي
ڇورين جي پئي ڇانگ وهي ٿي
منھنجا ٽار ٽُٽڻ تي آهن
تنھنجي جواني جهڪ لڳي ٿي
ڳوٺاڻن جي ڳھريل ڳل تي
چانڊوڪين جو چڪ لڳي ٿي
بينسر جھڙو ڀاڳ ڀليرو
ويٺو نڪ لئه ناچ نچي ٿو
آئون حُسن جا هند چُمان ٿو
چوڙين جا ڪي چنگ وڄائي
سڀ صبح سھڪايو ڇڏي ٿي
پنھنجين اکين ڪارين ۾
پاڻ پرين جا پوکيل ماڻھو
محبت ٻج ۽ ٻارين ۾