ڏاهر جهڙو خواب
روشنين جا کيت پوکڻ جو هُنر توکي ئي اچي ٿو
تون جيڪو تاريڪ رات جي غارن ۾
ڏيئو بڻجي ٻري پيو آهين
خوف گوڏن ۾ منهن هڻي ويهي رهيو آهي
وحشتن جي وات ۾ تنهنجو شينهن جهڙو هٿ،
ضد جي زبان کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي آيو آهي
تو پنهنجا جبل پوکي ڌرتي کي ڌُڏڻ کان بچايو آ
تون روايتن جو اهڙو ته گهرو رنگ آهين
جنهن کي پيار جي پاڻي سان پُسائي
هينئين تي هارڻ لاءِ قرب قطارون ڪريو بيٺا آهن
تو وڃايل ويساھ کي ساھ ڏئي سڌو ڪيو آهي
سنڌ تنهنجي ضمير جي ذرخيز زمين آهي
جتي تو صرف ڏاهر جهڙا خواب ڏٺا آهن
مٽيءَ جو ڪلمو پڙهڻ کانپوءِ
توکي پنهنجو هڪ الڳ آسمان ملي ويو آهي
چنڊ جو اڀرڻ ته فطري آهي
پر چٻرن جي ننڊ ۾ خلل ضرور پيو آهي
سج جون ٻانهون روشني جو راڳ کڻي توکي ارپڻ لاءِ آتيون آهن
ڀٽائي پنهنجي ٻي جنم جي ڳالھه
ان ڪري هوائن ۾ هڪلي ڇڏي هئي
جو ڳولا جو پنڌ پاڻ واڪن سان وضاحتون ڪندو
تنهنجي عمر جي اک جواني جي جاڳ کي ماڻي ورتو آهي
تون اُهو سمنڊ آهين
جنهن مٿان هوڙا هلندي حسين لڳن ٿا
تو ڪيترا ئي مانگر مڇ اڄ پنهنجي قدمن جي آواز هيٺان لتاڙي لاش ڪري ڇڏيا آهن
تون جيڪو سسئي لاءِ ڀاءُ جهڙو ڀاڪر آهين
۽ سنڌ تنهنجي پيشانيءَ جي چُمي ٿي پئي آهي
(آزاد امير حسن پنهور کي ڀيٽا)