سنڌ ديسَ جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيسُ نمايان،
مٽي ماٽي لايان.
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين، توکي چشمن چايان،
گيت به مون وٽ تنهنجا ماتا، بيت به تنهنجا ڀايان،
جيءَ جيءُ جيجل! جيءُ جيءُ جيجل تو کي ڪيئن لنوايان،
سارا سڏ پڙاڏا تنهنجا وائيءَ ۾ ورنايان.
سُر سُر ڄڻ سانوڻ ۾ سنڌو لهر لهر لڪايان،
رم جهم رم جهم راڳ انهن سان ٿر بر باهه لڳايان،
ڪالهه مَليران مهڪ اُٿي جا نگر نگر ڦهلايان،
ڏٿ به پنهنجو ڏيهه به پنهنجو مارو شال مِلايان.
تنهنجيءَ مٽيءَ منجهه ملان جي آءُ امرتا پايان،
سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نمايان.
مٽي ماٽي لايان.