اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي!
ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍَاٽي،
اسان جو جڏهن خون خوشبو ٿي ايندو،
ته ويڙها وطن جا به وَاسي ڇڏيندو،
جڏهين ٻارڙي ڪنهن، ڪئي ٻولي ٻاتي،
ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.
اسان جون هي ٻانهون، اسان جون نگاهون،
ازل کان لوچين ٿيون، اهڙيون راهون،
انهيءَ ڪرٽ ۾ جي ڪُسي وياسين ڪاتي،
ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.
جڏهن منهنجا جهانگي، نه جهوريءَ ۾ جُهرندا،
ٻَري ۾ نه ٻڪرار جا ٻار ٻرندا،
سُڪي سکڻي ٿيندي نه جيجل جي ڇاتي،
ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.
جڏهن وڏ ڦڙو ڪو ولهارن تي وسندو،
مٿان پار ڪر جي پنو هارن تي وسندو،
نه رهندي ڪا مارئي، مارن لاءِ آتي،
ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.