سمجهي پير وڌاءِ، او يار!
سمجهي پير وڌاءِ.
هن ڌرتيءَ جي دودن سان تون،
ڳورو ڪين ڳالهاءِ
سمجهي پير وڌاءِ.
ڀونگا ڊاهي، لاهي پاهي، ڀل پيو ڪوٽ آڏاءِ،
منهنجون ڳالهيون،م انب ۽ ٽالهيون مونکان ڪين کساءِ.
سمجهي پير وڌاءِ
هرڪا ڇولي، لولي بڻبي، وارو ونجهه هلاءِ،
او وڻجارا! ٻيڙيءَ وارا، هڪڙو گيت ته ڳاءِ،
سمجهي پير وڌاءِ
باهه ٻري آ، مند چري آ، ٻيجل تند تپاءِ،
سر جي سئن هڻڻ کان اڳ ۾، پنهنجو ڪنڌ ڪپاءِ،
سمجهي پير وڌاءِ.
جهمريون پائي، پير ملائي، ڇير وري ڇمڪاءِ،
ٿر جي ڄائي، ٻاگهل ٻائي! “بيوس” ڪين بڻاءِ،
سمجهي پير وڌاءِ.