وڪڙ ۽ ونگ وانگين تي، وڏيرن جا وزيرن جا
وڪڙ ۽ ونگ وانگين تي، وڏيرن جا وزيرن جا،
هزارين ظلم هت آهن، ڪي ميرن جا ڪي پيرن جا.
نئون نت روز هت نارو، نئين نت روز غداري.
نئون دولاب نئون دوکو، نئين نت مڪر مڪاري،
فريبي چال نت نئين ۽ اٻوجهن ساڻ عياري،
صبوح ۽ شام سانگين تي، ستم سرمائيدارن جا.
چڙهي هن ملڪ جون ويبيون، وري واڳڻ جي ور واڳون،
ملي هن قوم کي هڪ ڪوڙ جو لقمون جڏهن جاڳون،
وري ساڳيا پراڻاس سي، ٻڌي پاپي ويهڻن پاڳون،
رچن ٿا سانگ نت نت ڏس، غريبن تي غدارن جا.
جي پنهنجي ٻولي هت ٻوليون، لڳن ٿا گرز ۽ گوليون،
ڪريون جي ڳالهه حق جي هت، ڀريون جيلن سنديون کوليون،
اُٿو اي سنڌ جا سانگي، ٺاهي ٽانڊن جهڙيون ٽوليون،
ڪريون قوت سان پنهنجي، منهن ڪارا هت مڪارن جا!
نه مٽ دنيا ۾ تنهن ثاني، ڏني جنهن قوم قرباني،
گهري ٿي گهوٽ آزادي، مٿن جي يار مهماني،
ڪفن سر سان ٻڌي لاهيو، جڪڙ جيجل مٿان جاني،
گذارين ٻار ڪين ڪڏهين، غلاميءَ ۾ غيورن جا.
وري اڄ قوم کي نئينءَ جنگ لئه جاڳو ۽ جاڳايو،
اٽل رک عزم اندر ۾، پٽنگ ٿي پير پڙ پايو،
جيئون آزاد ٿي جڳ ۾، يا “منسي” موت سرمايو،
لڙي سڀ لوڪ تان لاهيون، هيڏا هاڃان هچارن جا.