نظم
سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين.
پيار جا پاپي ائين پسٽل کڻي،
گام تان گهوري ٻه ٽي گوليون هڻي،
جهنگ جي قانون ڪاري جا ڌڻي،
ڇو گلابي جسم ٿو ٺاري ڇڏين،
سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين.
وهشتن جا ڏيهه ۾ ڏئي واڪ تون،
۽ ارادا خود کڻي ناپاڪ تون،
پيار جي پرزا ڪري پوشاڪ تون،
نينهن کي ننگو ٿو بيهاري ڇڏين،
سونهن ٿو ڪاري ڪرين ماري ڇڏين.
نفرتون بندوق ۾ پيو ٿو ڀرين،
سونهن سڪ تي روز ٿو حملا ڪرين،
شل ٻڏي پنهنجي پگهر ۾ تون مرين،
خون سان ڇو ٿو خوشيون ڌئاري ڇڏين،
سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين.
شاهديون مهراڻ جون ڇوليون ڀري،
جي ڏين توتي ته منهنجي دل ٺري،
عشق جي الزام ۾ قابو ڪري،
تون سنڌوءَ ۾ لاش ٿو ٺاري ڇڏين،
سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين.
تو محبت جي سمجهي نه ماجرا،
دل جي دنيا کان صفا ڄڻ اوپرا،
او اڙي آدم جا ارڏا ڇوڪرا،
تون هوا کي رت ٿورئاري ڇڏين،
سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين.
شڪ جا شيطان سڀ سمهندا وري،
سونهن سڪ آزاد ٿي گهمندا وري،
ڪي ته ڪنهن جا هٿ وٺي چمندا وري،
حوصلو ”عادل“ متان هاري ڇڏين،
سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين!