لهي ڪو سانگيئڙن جي سار
منهنجي مٺڙي ملڪ جا مارو سرها ٿين سنگهار
لهي ڪو سانگيئڙن جي سار
هٿ وڌائي ڀاڪر پائي کلندي ڪن کيڪار
لهي ڪو سانگيئڙن جي سار
پنهنجن کي ٿا پنهنجو سمجهن ڪنهن تي ڏين ميار
لهي ڪو سانگيئڙن جي سار
ڇرڪيل ڇرڪيل ڇاتيون جن جون ڌڻ کان ٿي ويا ڌار
لهي ڪو سانگيئڙن جي سار
ظلم ستم جي گهاڻي ۾ هن ويچارا ولهار
لهي ڪو سانگيئڙن جي سار
کنوڻيون کڪجن ، بادل برسن ، ٿر بر ٿئي ٿڌڪار
لهي ڪو سانگيئڙن جي سار
مينڍا ڌوئي ڌورائڻ ۾ سرتيون ڪن سينگار
لهي ڪو سانگيئڙن جي سار
جيءَ پئي ٿي جهوري منهنجو ، جهانگين جي جهونگار
لهي ڪو سانگيئڙن جي سار
ڏيهه ڏڪاريل ۾ ڏوٿين جا ٻاڪارن ٿا ٻار
لهي ڪو سانگيئڙن جي سار
ٿرتي شال ٿين ڪي هاڻي مينهن جا وسڪار
لهي ڪو سانگيئڙن جي سار
ڪيسيتائين جڳ ۾ سهندا “ انور” پيا آزار
لهي ڪو سانگيئڙن جي سار