مان ڄاڻان ٿو تون ڌاري آن
مان ڄاڻان ٿو تون ڌاري آن،
مون کي سنڌ جيان پر پياري آن،
تنهنجي ذات جُدا، هر بات جدا،
جذبات جدا، فڪرات جدا،
سر ساهه مان تو تان صدقو ڪيان،
اڄ مون کان پڇين ٿي پردو ڪيان!؟
تنهنجي معصوميت جي ساک کڻان،
تنهنجي ڳلڙن تان مان باک کڻان،
منهنجي من ۾ ڏاڍي اوندهه آ،
۽ دل جو صحن انڌارو آ،
مون کي پڪ نه هئي امڪان هيو،
تنهنجو جلدي ٿي امتحان ويو!
تو هاڻي جو ڪاليج ڇڏيو،
مان سمجهان ٿو نڪرڻ به ڇڏيو،
۽ صبح جو ساڳي رستي تان،
گذرڻ به ڇڏيو مرڪڻ به ڇڏيو،
ڏس! تو سان هاڻي ڪيئن ملان،
ڪٿ بيهان تو کي ڪيئن ڏسان،
خط تحفا گفٽون ڪيئن ڏيان،
ائين وهم دل کي ڦري وياهن،
ڄڻ ڳوٺ کي فوجي گهيري ويا،
،مون تي نظرن جو ڪرفيو آ لڳل،
هر راهه رڪيل، گهٽ گهير جهليل،
تنهنجو گهر به ڏٺل، رستو به ڏٺل،
پر ظالم قاتل رسمن جا هر پاسي آهن نانگ لڪل،
ان لاءِ نه ٿو تو ڏانهن اچان،
ٿو ايندي ايندي واپس ٿيان،
۽ دل ۾ ٿو ويچار ڪيان.
مان توکان هڪڙي ڳالهه پڇان؟
جي هاڻي نه ٿي ڪاليج وڃين،
ڇو سرتين کان ٿي دور رهين؟
تن ساڻ ته مل تن ساڻ ته کل،
هل ٿورو هل، هل ٿورو هل،
منهنجي روح جي راهه تان ٿورو هل،
منهنجي اکڙين کان به نه ٿي اوجهل،
پنهنجي پرس کي ٿورو کولي ڏس،
۽ منهنجي دل کي ڳولي ڏس،
جا تو وٽ هاڻ امانت آ،
منهنجي پيار جي تو کي پارت آ،
مون کي اڳ ۾ اهڙي ڄاڻ نه هئي،
تون مون کان ويندينءَ ائين کسي،
جيئن حق سمورا ڌرتيءَ کان،
جيئن دشتگرد ڪراچيءَ کي ٿا سنڌ سڄي کان ڌار گهرن،
هي رتين جا رکوالا سڀئي ٿا تو کي مون کان ائين ڇنن،
تون مون کان پنهنجا خط ته وٺ،
ڏس جن تي تنهنجو نانءُ نه آ،
ڄڻ مون وٽ منهنجو هانءُ نه آ،
هن پيار جي دشمن دنيا ۾،
سڀ عادل ٿيا انصاف نه ٿيو،
هڪ پيار جو ڏوهه به معاف نه ٿيو،
ويو توکي مون کان ڌار ڪيو،
چڻ ٽاريءَ مان ڪنهن گل چنو،
پر تو سان جيڪو رشتو آ، سورشتو ئي اڻ ٽٽڻو آ،
تون مون کان ڌار نه ٿيڻي آن، تون منهنجي آن،
تون منهنجي آن،
تون منهنجي آن.