واهه ڙي ماڻهون موتي داڻا
توکان مهانگا ميڙن ۾ ها، اٺ وڪاڻا انڌا ڪاڻا.
اوير سوير واري وسڪي، تي تون ويٺين وڪجي يار،
يار وڪاڻين ڏاڍو سستو، ڪجهه ته ڪرين ها ماڻا ٽاڻا.
سنڌ امڙ جي ڌرتي تي اڄ، سوئٽن جو آ وارو وار،
توکي چوسيل هڏي گهرجي، گهوٽ قبولي هليا گهاڻا.
جنرلن کي جي جي چئين ٿو، جهانگين سان ڪئي ڪيڏي جاڙ،
ٻاگهي کي تو ٻاري ٻاريو، دودي جي دل داڻا داڻا.
سنڌ جي نرمل نازڪ نياڻي، روپا ماڙيءَ واري راڻي،
لوئرن مهندان لڇندي ٿي ويا، “شيرين” جا سنڌ ساڻا ساڻا.
پو به تو ڪو غور ڪيو ۽ غيرن سان پيو گهارين گڏ،
توکي سڻڀا کاڄ کپن، مان توکي خوب سڃاڻا ڄاڻا.
توکي “پنهنجي” پورايو پئي، ڇاجي سنڌ ۽ قوم عوام،
سنڌ ته اڄ ڀي سٽجي ڪٽجي، پو ڇو تنهنجا چپ سباڻا.
سڀني واگهه وڏيرن جي تون، اوطاقن تي الجهين روز،
هر هڪ ميجر ڪرنل وٽ ٿيا، تنهنجا ٿاڪ ٽڪاڻا ٿاڻا.
مال پرايا ميڙي تن جو، منهن پڪي سان ٿي ويئن مالڪ،
تو وٽ تنهنجون چيزون ٿوريون، شعر گهڻا چوراڻا راڻا.
ڪاري دور ۾ ڪارا ماڻهو، ڪارو پنهنجو منهن ڪيوءِ،
سارا قول قصيدا تنهنجا، ڪوڏين اگهه اگهاڻا راڻا.
لوڀي لوسي لٽجي ويندا، “سرويچن” سان سونهندي سنڌ،
ڪوپا پنهنجي قوت سان ئي، ٿيڙيندا سڀ ٿاڻا گهاڻا.