الائي ڇو مون کي تنهنجي ياد آئي!!
لبن تي جڏهن ڪنهن به سرخي سجائي!
الائي ڇو مون کي تنهنجي ياد آئي!
جڏهن ڪنهن به هٿڙن تي ميندي لڳائي!
الائي ڇو مون کي تنهنجي يادآئي!
جڏهن راند ڪنهن جي رئي سان هوا ڪئي،
ڳلن ساڻ زلفن جڏهن ڳالهه ڪا ڪئي،
جڏهن واءُ ڪنهن جي چمي چڳ اڏائي،
الائي ڇو مون کي تنهنجي ياد آئي!
جڏهن ڪاٿي ڪنهن جون جيان تيز تن تي،
۽ بيتاب ٿر جهڙي پياسي بدن تي،
ڪنهن بوسن جي برسات ويهي وسائي!
الائي ڇو مون کي تنهنجي ياد آئي!
جڏهن ڪا به سهڻي نه سنڌو ونديءَ ۾،
نه ڪي ڪنهن به ميهار سان نيئين صديءَ ۾،
نه لهرن جدا ڪئي نه لهرن ملائي!
الائي ڇو مون کي تنهنجي ياد آئي!
جڏهن ڳاله منهنجي نه اکڙين مڃي هئي،
الائي ته اٽڪي ڪٿي دل وڃي هئي،
جڏهن چيز پنهنجي به ٿي وئي پرائي!
الائي ڇو مون کي تنهنجي ياد آئي!
جڏهن پيار تي ڪنهن به پهرا لڳايا،
پريمين جا پڪڙي ويا خط جلايا،
ڪئي ٻن دلين ۾ جڏهن وئي جدائي!
الائي ڇو مون کي تنهنجي ياد آئي!
جڏهن ڪنهن به ڇيڙيون تنبوري جون تارون،
سڻايون سرن ۾ سسئي جون پڪارون،
ڳلين ۾ جڏهن ڪنهن به ڳايو ڀٽائي!
الائي ڇو مون کي تنهنجي ياد آئي!
گهڙي کن زماني جو هر غم ڀلائي،
جڏهن ڪنهن دلاسو ڏئي عادل کلائي،
کلي ٻانهن منهنجي ڳچيءَ ۾ ورائي!
الائي ڇو مون کي تنهنجي ياد آئي.