حسن وشباب ۽ انقلاب
خستور جي خوشبو هجي، موتئي سان گڏ گڏ هوئي گلاب،
اونداه ۽ اوجهڙ منجهان، جيڪو اڀاري انڊلٺون،
واٽن منجهيل ماڻهن لا، ٿي پئي آفتاب و ماهتاب!
آڻي زمين ۾ زلزلو، يا سڀ اکوڙي عرش اڀ،
يا ظالمن زبرن کي ڏي ڪو، جان جهوريندڙ جواب!
ڪوه ڪاف ڪُل ڪُڪرا ڪري ۽ ڪهڪشان ڪيهون ڪري
مظلوم قومن جي ڪري، ڪل ڪوشش کي ڪامياب!
محبوب ۽ معشوق هي، مسڪين موجن سان گهمن،
هو منهن منجهان مهڪي ڦٽن، خوشحاليون شباب!
کهنبن وڳن ويسن سان جيئن، وهسن ۽ وڙڪن جيڏڙيون،
کوهن ۽ کيٽن جي ڀران، ڪن ڀوڳ چرچا بي حجاب!
هن سيم پنهنجيءَ ۾ هجن، صدها صدين تڪ ساوڪون،
محبتن جا مينهن وسن ۽ پيار جا پڙهجن ڪتاب!
“سرويچ” تنهنجا سڀ سخن، سوڀن سجاڳين جا سبق،
جيئن جيئن پيا پڙهبا هتي، تيئن سنڌ ٿيندي صحتياب!