تون پُڇين ٿو پرين! مان هليو ڇو ويس؟
مان هليو ڇو ويس؟
جڏهن شام جو جَام
خالي نه هو،
رات رم جهم هُئي،
تنهنجي سَاهن جي،
جهيڻن سُرن سان سُتل،
منهنجي بستر تي،
منڪر ڪا موسم هئي،
تنهنجي ڪجلين اکين جي،
ڪنارن مٿي،
منهنجي چپڙن جي ٻيڙي،
لڳي ئي لڳي،
ها! انهيءَ کان اڳي،
مان هليو ڇو ويس؟
سچ پُڇين اوپرين!
دل به چاهيوگهڻو،
ڪا گهڙي تنهنجي،وارن جي ڪارين گهٽائن منجهان،
واس وٺندو رهان!
ٻن گهڙين لئه سهي،
تنهنجي آغوش جي سانوري شام ۾،
ڪنهن روپوش پياسي مسافر جيان،
مان پناهون وٺان،
کن پل ئي سهي،
ٿڪ ٿورو ڀڃان،
دل ته چاهيو گهڻو،
تنهنجي نيڻن جون،
نرمل هي چانڊوڪيون،
سدا مست نينڍون نياپا کڻي،
روح جي رڻ مٿان،
ائين رقصان رهن،
دل ته چاهيو گهڻو،
تنهنجي ٻانهن جون ڪچڙيون،
۽ ڪومل وليون،
سُونهن سرهاڻ جا،
سئو سنديسا کڻي،
منهنجي تن تي سدا،
ائين وکريل رهن،
ها مگر ڇا ڪريون،
تنهنجي ڪا ڪُل جي قيدي،
ٿيڻ کان اڳي ،
قيد خان ۾ ڪائي ڪشش هئي پرين!
جيڪا ويئي ڇڪي،
دل ته ماڻڻ گهريون،
تنهنجون سڀ دلبريون،
ها مگر ڇا ڪريون،
دار جي درد کي،
پنهنجي لذت هئي،
جيڪا ويئي ڇڪي،
تون پُڇين ٿو پرين!
مان هليو ڇو ويس؟