شاعري

سنڌ جي مزاحمتي شاعري

ڪتاب جي ترتيب پاويل جوڻيجو“ ڪئي آهي جنهن ۾ سنڌ جي 15 شاعرن جي مزاحمتي شاعري شامل آهي. پاويل جوڻيجو جي هن ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ اهڙن شاعرن جي به شاعري شامل آهي، جن کي پڙهندي يا ٻڌندي ازخود ڪنهن ستل ضمير ۾ چهنڊڙيون محسوس ٿينديون ۽ ڪجهه ڪرڻ جي خواهش ڪر موڙي اٿڻ جي آس کي جنم ڏيندي.. دنيا ۾ انقلاب آڻيندڙ شاعرن ۾ سنڌ جي شاعرن به وسان ڪين گهٽايو آهي ۽ سنڌ جي باشعور طبقي تائين ان ثبوت کي رسائڻ ۾ سچ ته پاويل جوڻيجو جي ڪاوش داد لائق آهي.

Title Cover of book Sindh Ji Mazahmati Shairi

عورت

تنهنجي ته سونهن سوڍي، پڙهيم پٽيءَ پٽيءَ ۾،
توکان سواءِهجي ها، دوزخ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾.

ڪيڏي حسين آهين، ڪيڏي حبيب آهين،
هر پل ٻڌا مون اهڙا، هوڪا هٽيءَ هٽيءَ ۾.

ڏاتي مون ٿڃ تنهنجي، سنهڙن چپن سان چسڪي،
تنهنجو ئي پيار پياري، پيتم وٽيءَ وٽيءَ ۾.

ماءُ ڀيڻ ڌيءَ آهين، محبوب دوست آهين،
ميڙي رکين ٿي سڀ لئه مرڪون مٽيءَ مٽيءَ ۾.

ان دم ته دم سندوءِ، ويندو سڄو هو دمجي،
پوندو هئس جڏهن مان، اٽڙي آٽيءَ آٽيءَ ۾.

ساري سماج لاءِ، هر پل سٻاجهه آهين،
مغموم دل جي لاءِ، تون ڇانئون ڇٽيءَ ڇٽيءَ ۾.

تنهنجي ته صحبتن سان، ناچاق چاق ٿيو پئي،
شامل شفائون تنهنجي، مرهم پٽيءَ پٽيءَ ۾.

سارو جهان تنهنجي، جلون سان جوتجي ٿو،
شمس وقمر جا شعلا، سينڌ وپٽيءَ پٽيءَ ۾.

صحبت ۾ تنهنجي سانئڻ، آهي سرور ڪيڏو،
شاخون ڪي شهيد جون چڻ لئي لئي لٽيءَ لٽيءَ ۾.

مسلم هجين يا هندو، مشرق رهين يا مغرب،
ڪو ئي فرق نه آهي، ڪافر ڪٽيءَ ڪٽيءَ ۾،

هيڏي عظيم هوندي، پل پل ۾ پيسجين پئي،
ڦاٿي ڀلا تون آهين، ڪهڙي چٽيءَ چٽيءَ ۾.

هر روز چيچڙي ۾، پيڙهي پيو پاپ توکي،
پوءِ به سگهه ڪيڏي، سورن سٽيءَ سٽيءَ ۾.

ڪوڙهئي سماج کي آ، توساڻ ساڙ ڪيڏو،
ڄرڪن جي ڄاڙ آهي، پڙهيل پڄٽيءَ ڄٽيءَ ۾.

“سرويچ” تنهنجي سونهن ۽ سيرت مٿي لکي ٿو.
ناهيس نگهه ڪنهن تنهنجي، کاري کٽيءَ کٽيءَ ۾.