تنهنجو مرون پٽين پيا ماس، توکي ڪيئن اچي جڳ راس
تنهنجو مرون پٽين پيا ماس، توکي ڪيئن اچي جڳ راس،
ڌوڙ وجهي پئي ڌرتي توتي، کلي پيو آڪاس.
سهي سيارا پٺن تي پارا، تو جي ورايا پاڻيءَ وارا،
کيٽ کرا سڀ ٻنيون ٻارا، سوئر کائي ويا ستي تو سارا،
اڃان جئين پيو جڳ ۾ پيارا، تنهنجو باغ ٿيو بنواس.
لوڌ لڳايون ٻڌي مهاڙوين اچو ته گڏجي پير اهاڙيون،
ڪتا بڇيون ڪن تاڙو به تاڙيون کڻي ڪاهي پئون ڏڦا ڪهاڙيون،
وانگين جون جن ڀيليون واڙيون، سي ڪريون نهاري ناس.
اڃان ته ٿورا آهن اٺوري، ٻلر ٻيهاڻا چرن ٿا چوري،
اهي به ان تي کل ڪندا کهري، پوءِ ته چرندا توکان زوري،
ڳالهه اها ڪا ناهي ٿوري ڪڍ رهزن اهي راڪاس.
ٻڌي پنجوڙون پئون سڀ پهري، کڻي هٿن ۾ ڀالا زهري،
آڏيون آڏن ڪوڙ ڪيون قهري، شام صبح تن تڙيون ٻپهري،
جهلي بيهون لنگهه بري ۽ بحري “منشي” عام ۽ خاص.