مون کي پنهنجي ياد مان آزاد ڪر
دهشتن ۾ جيڪڏهن تن من هجي،
منهنجي دل جو آڳ ۾ دامن هجي،
باهه ۽ بارود ۾ جيون هجي،
۽ تنهنجو ورتاءُ واشنگٽن هجي،
کل خوشي منهنجي کڻي بغداد ڪر!
مون کي پنهنجي ياد مان آزاد ڪر!
هر وفا منهنجي وساري ڇڏ ته ڇڏ،
۽ جفا پنهنجي جياري ڇڏ ته ڇڏ،
دل تان منهنجو نانءُ واري ڇڏ ته ڇڏ،
پنهنجي پر ۾ مون کي ماري ڇڏ ته ڇڏ،
۽ ڪڏهن ڀلجي نه مون کي ياد ڪر!
مون کي پنهنجي ياد مان آزاد ڪر!
سوچ ۾ سڪ ۾ سچل داخل ڪري،
دل لطيفي لطف ۾ شامل ڪري،
تانگهه ڪجهه تنوير کان صاحل ڪري،
عشق ڪجهه اياز ڏي مائل ڪري،
حسن کي ڀل هو بهو استاد ڪر!
مون کي پنهنجي ياد مان آزادڪر!
آڳ ۾ هر آس اڇلائي ڀلي،
خواهشن جا ڪنڌ ڪپرائي ڀلي،
منهنجي هر هڪ مرڪ مارائي ڀلي،
منهنجي دل جي دنيا بدلا ئي ڀلي،
سنگدل تون شوق پنهنجو شاد ڪر!
مون کي پنهنجي ياد مان آزاد ڪر!
التجا منهنجي عوامي هوڪر!
بي رخي تنهنجي حڪومت جا مزا،
رعب تنهنجو اهلڪارن جا جٿا،
عشق منهنجو احتجاجن جي ڪٿا،
سونهن جي سرڪار منهنجو داد ڪر!
مون کي پنهنجي ياد مان آزاد ڪر!
ڳلن تي ڳوڙهن جون قطارون ئي سهي،
منهنجي هستي ڏارون ڏارون ئي سهي،
دل جي دنيا غارون غارون ئي سهي،
من ۾ مڪليءَ جون مزارون ئي سهي،
تون ئي پنهنجو هانءُ هير آبادڪر!
مون کي پنهنجي ياد مان آزادڪر!
تنهنجي نفرت جي رڳو هڪڙي نظر،
باهمي الفت تي ڪيا ڪيڏا اثر،
تو ڪري آ دل ڇڏي پنهنجي پٿر،
منهنجو ٿي احساس ويو آ کير ٿر،
تون ڀلي جذبا کڻي فولاد ڪر!
مون کي پنهنجي ياد مان آزاد ڪر!
مان ”ڇو عادل“ پيار مرده آباد ڪيان،
جي ڪيان انڪار مرده آباد ڪيان،
سئو ته ڇا لک وار، مرده آباد ڪيان،
عشق سان آزار، مرده آباد ڪيان،
تون ڀلي پئي ظلم زنده آباد ڪر!
مون کي پنهنجي ياد مان آزاد ڪر!